لنڊن (م ڊ) پاڪستان جي ناڻي واري اڳوڻي وزير اسحاق ڊار وطن واپسي جي تصديق ڪري ڇڏي، لنڊن ۾ نجي تي وي سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته ايندڙ هفتي جي آخر تائين ممڪن آهي ته پاڪستان ۾ هجان، وطن واپس اچي سينيٽر ميمبر طور حلف کڻندس. هن چيو ته نواز ليگ قائد نوازشريف ۽ وزيراعظم شهبازشريف سان مشورو ڪري فيصلو ڪندس، جيڪو قيادت فيصلو ڪيو ان تي عمل ڪندس، نوازشريف جيڪا ذميواري ڏيندو، اها نڀائيندس، هن چيو ته عدالت به اسانجي درخواست منظور ڪندي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو آهي،