لاهور (م ڊ) لاهور جي احتساب عدالت آشيانا ريفرنس ۾ شهباز شريف کي حاضري کان مستقل ڇوٽ ڏئي ڇڏي. عدالت ۾ وزيراعظم کي حاضري کان مستقل ڇوٽ ڏيندي انوار حسين ايڊووڪيٽ کي شهباز شريف جو پليڊر مقرر ڪري ڇڏيو. احتساب عدالت شهباز شريف جي پليڊر کي ٽرائل ۾ هر پيشي تي حاضري يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو آهي.