ايندڙ بجيٽ ۾عوام کي ڪھڙو رليف ملندو !!!

0
225

بجيٽ ھڪ اھڙو خطرناڪ قسم جو لفظ ٿي ويو آهي جيڪو ماڻهن جي ذھنن تائين پھچي ٿو ته ڄڻ ماڻهن تي سڪتو طاري ٿيو پوي، بجيٽ جي اصل معنيٰ مھانگائيءَ جو طوفان جيڪو اچڻ سان ئي غريبن جي رھي سھي ڪسر به ڪڍيو ڇڏي،
وفاقي حڪومت پاران وفاقي بجيٽ 11 جون ۽ سنڌ حڪومت پاران 15 جون تي صوبائي بجيٽ پيش ڪرڻ جا امڪان آهن ان بجيٽ ۾ غريب مسڪين ماڻهن کي ڪيترو فائدو ٿيندو اھو ايندڙ وقت ٻڌائيندو.اسان وٽ ھر ايندڙ حڪومت اھو ئي راڳ ڳائيندي رھندي آهي ته پوئين حڪومت ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ويئي آهي ۽ سڀ ئي حڪمران اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ چوندا آهن ته اسان اقتدار ۾ اچڻ شرط سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪنداسين وغيره وغيره، پر اھي اقتدار ۾ اچڻ شرط عوام سان ڪيل سڀئي ڳالھيون ۽ واعدا جن جي بنياد تي اسان جا اٻوجھه غريب مسڪين ماروئڙا انھن کي ووٽ ڏيندا آهن پر اھي حڪمران سڀ واعدا وساري ڇڏيندا آهن،
ڪنهن شاعر چواڻي
وه واعده هي ڪيا جو وفا هو
بدقسمتيءَ سان جيڪڏهن اسين پنهنجي ملڪ جي تاريخ اٿلائي ڏسون ته ان ۾ اھڙي ڪا به بجيٽ نه ملندي جيڪا عوام جي فائدي موجب تيار ٿي ھجي،
عوام جي حالت ڏينهون ڏينهن بدتر ٿيندي پئي وڃي ھر بجيٽ کان پهريان وفاقي حڪومت پاران ٽي چار دفعا مني بجيٽ پيش ڪئي ويندي آهي جنهن جي ڪري سالياني بجيٽ کان اڳ ئي ھر عام واهپي شين جا اگھه آسمان تي پھچي ويندا آهن ۽ پوءِ سالياني بجيٽ وري اھڙي پيش ڪئي ويندي آهي جنھن ۾ امير ڏينهون ڏينهن امير ۽ غريب ماڻهو غربت جي گھاڻي ۾ پيسجندو پيو وڃي، عام شيون جن سان زندگيءَ جو وھنوار ھلي ٿو يا کڻي ايئن چئجي ته زندھه رهڻ جي لاءِ جن شين جي اشد ضرورت ھوندي آهي اھي به غريب ماڻھو جي پھچ کان تمام گهڻو مٿي ٿي ويون آهن.پاڪستان دنيا جو اھو واحد ملڪ آهي جنھن جي سموري بجيٽ اسان جا معاشي ماھر نه پر عالمي مالياتي اداري جا رکرايل عملدار ٺاھيندا آھن، جيڪي بجيٽ کان پهريان آئي-ايم-ايف کان مليل ھدايتن تي عمل ڪندي اھڙي بجيٽ تيار ڪندا آھن جنھن ۾ غريب عوام جو ذري برابر به خيال نه ڪيو ويندو آھي،سڄي بجيٽ صرف ۽ صرف آئي-ايم-ايف جي شرطن مطابق ئي تيار ٿيندي آهي جنهن ۾ صرف حڪمرانن ۽ امير طبقي جي ماڻھن جو وڌ ۾ وڌ خيال رکيو ويندو آھي ۽ اھو عام عوام کي سٺي ريت سمجھڻ گھرجي ته جيڪا بجيٽ عالمي مالياتي ادارو ۽ ٻاھرين ملڪن جي مرضي سان ئي ٺهندي ھجي تنھن ۾ اسان جي عوام جي ڪھڙي فائدي جي ڳالھه ھوندي؟؟؟موجوده پي.ٽي.آئي جي وفاقي حڪومت جڏهن اقتدار ۾ آئي تڏھن ھنن وڏيون وڏيون دعوائون ڪيون ته اسين ڪنھن به ملڪ يا آئي-ايم-ايف کان ھرگز قرض نه وٺنداسين پر ان جي ابتڙ ھنن ٿوري وقت ۾ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏي ۾ وڏو قرض ورتو.، ان کان علاوه موجوده وفاقي حڪومت جي وڏي نااهليءَ اھا آھي ته ھنن مختصر وقت ۾ ناڻي جا چار وزير تبديل ڪيا آهن.موجوده وفاقي حڪومت اقتدار سنڀالڻ وقت وڏيون دعوائون ڪيون ته وزيراعظم ھائوس، گورنر ھائوس، قومي اسيمبليءَ ۽ انھن جي ميمبرن جا اضافي خرچ گھٽايا ويندا جنهن سان ملڪي خزاني کي ھيترن ھيترن ڪروڙن جو فائدو ٿيندو ۽ ھاڻي اسان ڪنهن جي به اڳيان ھٿ ڪونه ٽگينداسون سو اھي سڀ ڳالهيون ۽ عوام سان ڪيل واعدا يا اھا بچيل رقم آخر ڪيڏانهن ويئي؟ پر وفاقي حڪومت پاران ان جي برعڪس پنھنجي وزيرن مشيرن جو تعداد اڃان گھڻو وڌائي ڇڏيو گڏوگڏ انھن جي پگهارن مراعتن ۾ ٽيڻ تي واڌ ڪئي وئي پر سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو مھانگائي جي مناسبت سان نه ڪيو ويو. ھاڻي ڏسون ته ايندڙ بجيٽ ۾ عام عوام سان گڏ سرڪاري ملازمن کي ڪھڙو فائدو ڏنو ويندو! ڇو ته عالمي مالياتي اداري پاران سرڪاري ملازمن جي پگھارن ۾ واڌ جي مخالفت ڪئي وئي آهي ۽ موجوده وفاقي حڪومت عالمي مالياتي اداري جي اصرار تي گذريل ٻن بجيٽن ۾ سرڪاري ملازمن سان ڪيل واعدا پورا نه ڪيا جيڪا سراسر ناانصافي زيادتي آهي.اسان پاڪستان جي تاريخ اٿلائي ڏسون ته آئي-ايم-ايف جي چوڻ تي اسان پنھنجا سرڪاري ادارا مڪمل تباھه ۽ برباد ڪري ڇڏيا آهن ڇو ته آئي.ايم.ايف کان ڳرن شرطن تي ورتل قرض جو بار ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي،
بدقسمتيءَ سان ھاڻي ته حالت وڃي اھا بيٺي آهي ته جيڪو قرض ورتو ويو تنھن جو وياج به اسين نٿا لاھي سگھون.حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته اسان وٽ دنيا جي خوشحال ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام وڌيڪ آبي، مالي ۽ زميني ذخيرا موجود آهن جيڪڏهن اسين صرف سنڌ کي ئي ڏسون پورٽ قاسم يا بدين مان جيڪو تيل نڪري ٿو جيڪڏهن ان جو ٽيون حصو به اسان تي خرچ ڪيو وڃي ته اسان کان وڌيڪ شاھوڪار ڪير ٿو ٿي سگهي، پر افسوس جو اسان جا حڪمران اھو قطعي طور نٿا چاھين ته اسان جو ملڪ ۽ ان جي عوام خوشحال ھجي. انھن حڪمرانن جي غلط پاليسين جي ڪري ئي اسين سدائين عالمي مالياتي اداري جا قرضدار رھنداسن جيڪو ايندڙ نسل ۽ ايندڙ وقت سان گڏوگڏ ملڪي سالميت معيشت ۽ بقا جي لاءِ وڏو نقصانڪار ثابت ٿيندو.