ڪجھه ته اسان کي به هوش جي ضرورت آهي

0
481

بحريه نالي سنڌ جي مسئلي تي اصل جوابدارن بجاءِ ڪمدارن خلاف قومپرستن جي جدوجهد تي تعجب، اچرج ۽ سوال پنهنجي جاءِ تي، پر ان حوالي سان شروع ڪيل مهم جي منڍ ۾ ئي متنازعه بڻجڻ جي ڳالھه ٿا ڪريون. سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران احتجاج مهل بحريه ٽائون جي گيٽ کي باھه واري معاملي تي پاڻ شڪ ڏيکاريون يا پڪ سان چئون ته هنن پاڻ ڏني آهي، پر دنيا ان جو ڪيترو اعتبار ڪندي؟ ۽ هڪ الزام جي مقابلي ۾ ڪيترو اسان کي شڪ جو فائدو ملندو؟ غلط توڙي صحيح هڪ الزام ته لڳي ويو، اڳواڻن تي جدوجهد جي جاءِ تي دهشتگردي جو ڪيس ته داخل ٿي ويو. قومپرست سياست ته بدنام ٿي نه، ڳالھه ته هڪ مان ٻي ٿي وئي نه؟!
سڄو تڪڙ جو نتيجو آهي، اٻهار ۾ کنيل قدم جو نقصان آهي، اٺن سالن جي عمر واري مسئلي کي اٺن ڏينهن ۾ حل ڪرڻ جي جلدي اهڙيون حالتون نه پئدا ڪندي ته ٻيو ڇا ڪندي؟ اسان جا قومپرست اڳواڻ نوان ته ناهن، عمر ان جدوجهد ۾ گذاري اٿن، ايترو به نه پيا سوچن ته جنهن ڌرڻي جي اسان هڪ قسم جي تياري پيا ڪريون، ته هو ٻيءَ طرح جي تياري ڪندا هوندا، هو جيڪي وڏين وڏين مخالفتن سان منهن ڏيو ويٺا آهن، هن قسم جي مزاحمت سان ڇو نه نبري سگهندا؟ جن لاءِ ڪرايا ڪري پڄڻ به چندي بنا ممڪن ناهي، انهن مولائين سان هو ڪيئن نه پڄي ايندا جن جي ٽائون جو گيٽ ئي واڳون جي وات جهڙو آهي. ان وات ۾ حڪومتون ئي ڳهيل ۽ هضم ٿيل آهن، صوبائي بجيٽ جيتري ته رڳو وڪيلن کي في ڏيندا آهن، جيڪي ڪورٽن ۾ ڪيسن ۾ هارائي اربن ۾ ته رڳو ڏنڊ ڀري ڏيندا آهن.
اسان لاءِ پنهنجي طاقت جو تجزيو ڪرڻ به اهم آهي پر جنهن ڏينهن اسان رڳو اهو اندازو به لڳائي ورتو ته اسان جو دشمن ڪيتري طاقت وارو آهي، يقين ڪريو ان ڏينهن کان اسان جا مسئلا حل ٿيڻ شروع ٿيندا. جيترا مسئلا اسان جي اٻهار جي پئداوار هوندا آهن اهي ته گهٽ ۾ گهٽ نه ٿيندا. باقين سان منهن ڏيڻ هاڻي جي نسبت ۾ آسان هوندو. اسان اڃان تائين غلط فهمين ۾ ڦاٿل آهيون، امڪانن ۾ رهون ٿا، گمانن ۾ گذاريون ٿا. ڌرتي بيشڪ اسان جي جدوجهد جو مرڪز آهي پر آسمان تي ٿا رهون، زمين تي پير ڪونهي، تڏهن ته خير ڪونهي. مسئلن کي جڏهن سمجهون ڪونه، ته نبرون ڪيئن؟ سرت نالي به ڪو سينس ٿيندو آهي، ان بنا عمل توڙي ردعمل سڀ بيڪار، اڪو ئي اڪارت!!
هڪ جلدبازيءَ ڪيئن بازي اٽلائي ڇڏي، سوال ڪرڻ وارا، پڇاڻو ڪرڻ وارا ڦري سوالن هيٺ اچي ويا، وضاحتن ۾ پئجي ويا، صفايون گهرڻ وارا صفايون ڏيڻ تي اچي ويا، ڪيئن هڪ تڪڙ ڪورٽن ۾ آڻي بيهاري ڇڏيو، جدوجهد وارن لاءِ ڪيس ته ڪا ڳالهه ناهن هوندا پر وقت ته سيڙائن ٿا، توانائي ته ضايع ڪن ٿا، اڳڀرائي کي ته بريڪ اچي ٿو، هڪ جدوجهد پنهنجي ٽريڪ تي چڙهڻ کان ته رهجي وئي نه؟، الزام الڳ، بدنامي تنهن کان سواءِ… اسان وارن جا به جذبا جهل نه پيا ڏين، هڪٻئي جي ريس تي، ته متان رهجي وڃون لوڪ جا مياري ٿي پئون، ڌرڻي ۾ شرڪت جا اعلان ڪندا ويا، ڇهين جون جو انتظار، ڄڻ پڄڻ جي دير هجي، بحريه ٽائون سنڌ جي زمين تان وڻ جي ٿڙ وانگي پٽي اڇلايو ويندو، ڪارڪنن کي اهڙي اتساھه ورايو!
وقتي اوٻر واري انهي جذباتيت جو نتيجو وري اهو جو دونهون ٿيو ۽ ڌرڻو ئي ختم! سڀ دودا، جوڌا جهٽ کانپوءِ نه تو ڏٺا نه مون ڏٺا، اتي ايتري دير به نه هئا جيتري دير دونهون هو! اڳواڻن کان ٿو پڇان ڇا قومي شعور ان کي چئبو آهي؟ هيڏي تياري، هيڏا اعلان، جهنڊا، نعرا جهٽ گهڙي جو کيل؟ بحريه ٽائون کي اسرائيل سان تشبيھه هئي ۽ پاڻ کي فلسطينين سان، پر مزاحمت منجهند جو ئي ختم! تلخ آهي پر حقيقت اها آهي ته اسان کي ڌرڻا ناهن هڻڻا هوندا، اسان کي ڊراما ڪرڻا هوندا آهن، جهٽ پلڪ جا ڊراما، ڪلاڪ سوا جو تماشو، هڪ پھر جو سين، وڊيوز، فوٽوز ۽ سيلفين جو سيشن! ۽ پوءِ شام جو نيوز چينلن تي پنهنجيون جهلڪيون ڏسڻ ۽ صبح جو اخبارن ۾ پنهنجون خبرون پڙهڻ! اسان پنهنجي ڌرڻي ۾ ايتري دير به نه ترسندا هون جيتري دير پري پري کان پنڌ ڪري اچي پهچندا هون. تقرير واري ٿوري دير، ۽ پوءِ پويان پير!
ڇا اهو ممڪن نه هو، بحريه ٽائون اڳيان ڌرڻو هر حال ۾ جاري رکيو وڃي ها، ڇا ٿئي ها، وڌ ۾ وڌ اڳواڻن جي گرفتاري يا ٻيو ڪجھه؟، اها ڪا نئين ڳالهه هجي ها ڇا، گرفتاريون ته ڌرڻي کي اڃان جواز ڏين ها، ڌرڻي کي تحريڪ ۾ تبديل ڪري ڇڏين ها، توهان احتجاج ڪيو، هو جيڪو ڪن ها ڪرڻ ڏيو ها، وڌيڪ ڪم پاڻ حالتون ڪن ها، توهان کي اتان اٿڻو نه هو، پوئتي موٽڻو نه هو، ڌرڻي کي هر صورت ۾ جاري رکيو وڃي ها، ڇو جو ڌرڻي جو مقصد اڃان حاصل نه ٿيو هو، اڃان ته موقف ئي بيان نه ٿيو هو، جدوجهد جي صورتن جو اعلان ئي نه ٿيو هو. پر يارن کي ڪير سمجهائي!
يا ته ڌرڻو هنيو نه وڃي ها، هنيو ويو ته کنيو نه وڃي ها. ان کي تماشو نه بنايو وڃي ها. اها ڪا هتان کڻي هت رکڻ جهڙي ڳالهه ته ناهي، الائي ڪٿان ڪٿان ڪارڪن ٿا اچن، الائي ڪيئن ٿا پهچن، ايندي به رڪاوٽون ته موٽندي به گرفتاريون. ايڏن سورن سان لڳندڙ ڌرڻا ايئن ڌوڙ اڏڻ سان ختم ٿي وڃن ته تنهن کان لڳن ئي نه، سنجيدگي ناهي ته پوءِ ڪهڙي ضرورت آهي انهن خفن ۾ پوڻ جي؟ عام شڪايتن، دانهن، پريس ڪانفرنسن، مظاهرن، احتجاجن جي ڀيٽ ۾ ڌرڻن کي مزاحمت جي حيثيت حاصل آهي، ڌرڻا، مرڻا هوندا آهن، آر يا پار جهڙي خار هوندي آهي تڏهن لڳندا آهن ڌرڻا. سطحي سياست جي جذباتي عادتن انقلابي جدوجهد جي به مزاج تي برو اثر وڌو آهي، اقتداري ۽ بازاري سياست ڌرڻن جو تصور ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي!
غلط ٿيڻ تي غلط ڏسڻ تي غصو ته ايندو آهي پر ان غصي ۽ ڪاوڙ کي شعور ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي، جدوجهد وارو رستو وٺڻ گهرجي، ووٽ ڏيڻ وارن کي حقيقتون سمجهائڻ گهرجن. پارٽين کان ٿورو ٻاهر نڪرجي، پبلڪ کي مخاطب ٿجي، ڪارڪن ڪافي ٿي چڪا ماڻهن کي قائل ڪجي، عوام کي ساڻ کڻجي. اسان جو الميو اهو آهي ته هر وقت غصي ۾ هوندا آهيون، اظهار جي وقت به غصو، اختلاف جي وقت به غصو، سمجهڻ جي وقت ۽ سمجهائڻ جي وقت به غصو آهي. ڪيس وڙهڻ جي وقت به غصو آهي، جنهن جو نتيجو اهو آهي ته اسان جو غصو اسان جي دليل کي به کائي ويو آهي، عقل کي به چٽي ويو آهي. هر وقت ميدان جنگ ۾ بيٺل آهيون. انهيءَ جو نقصان اهو ٿو ٿئي ته افهام و تفهيم جي اسٽيج تي، وضاحتن جي فورم تي ۽ ميڊيا جي چينل تي پنهنجي ڳالهه دليل سان نٿا رکي سگهون. اسان جو سارو زور اختلاف رکڻ واري کي هيسائڻ تي آهيسڄو نقصان ان غصي جو ڏنل آهي جيڪو اسان کي حد کان وڌيڪ اچي ٿو پاڻيءَ مان ڪڍي ٿو ۽ اسان کي قابل رحم بڻائي ٿو. اهو غصو اظهار کان اڳ مٿو ٿو ڦيري ڇڏي، عقل الڳ ۽ سمجهه ڌار ٿو ڪري ڇڏي. اظهار کانپوءِ دليل جي دنيا ۾ ۽ ڊبيٽ جي فورم تي ڏٺو ٿو ڪري. ڪاوڙ ۾ اسين ڪجهه به نٿا ڪري سگهون سواءِ جهيڙي جي. اهڙي حالت ۾ ڪاوڙ آڪڙ کان وڌيڪ خطرناڪ آهي. اسان جا دانشور، اسان جون تنظيمون ۽ سوشل ميڊيا رڳو انهيءَ ڪاوڙ کي ئي وڌائين ٿا جيڪا ڪاوڙ هڪ ڏهاڙي حدون پار ڪري آخر ڪار اسان کي ئي ماريندي.