زال موٽرائي ڏيو، ڪرونڊي واسي نوجوان جون دانهون

0
275

ڪرونڊي (ن پ ا) ڪرونڊي واسي نوجوان جو زال واپس ڪرائڻ لاءِ احتجاج، منهنجي زال کي جوابدار مير حسن بڙدي اغوا ڪري ويو آهي، خدشو آھي ته ان کي قتل ڪري ڇڏيندو يا ان کي قتل ڪري گم ڪيو ويو آهي، ڳوٺ سعيد خان جٽ واسي نوجوان اشفاق احمد جٽ پريس ڪلب ڪرونڊي پهچي دانهيو آهي ته 10سال اڳ پنهنجي چاچي جي ڌيءَ شازيه بانو جٽ سان شادي ڪئي هئي، 26ڏينهن اڳ اسان جو هاري مير حسن بڙدي منهنجي زال شازيا بانو کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري کڻي ويو هو، جنهن جو هن وقت تائين ڪو به ڏس پتو پئجي نه سگهيو، منهنجي زال زنده آهي ته ان کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ مونکي منهنجي زال واپس ڪرائي ڏني وڃي.