ايم اين اي عبدالڪريم ڀاءُ جي قتل ۾ ملوث نه آهي: شهيد ناظم جوکيو جي ڀاءُ جو عدالت ۾ بيان

0
470
ناظم جوکيو قتل ڪيس

ڪراچي: شهيد ناظم جوکيو جي ڀاءُ افضل جوکيو پنهنجي نئين بيان ۾ چيو آهي ته منهنجي ڀاءُ جي قتل ۾ ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جوکيو ملوث نه آهي. افضل جوکيو اهڙو بيان ملير جي عدالت آڏو ڏنو آهي. شهيد ناظم جوکيو جو ڪيس مفت ۾ وڙهندڙ وڪيل محمد خان شيخ ڏک ۾ عدالتي ڪارروائي اڌ ۾ ڇڏي ٻاهر نڪري آيو

وڪيل محمد خان شيخ چيو آهي ته افضل جوکيو عدالت آڏو 164 جي بيان ۾ ايم اين اي جو نالو ڪيس مان ڪڍرايو آهي ۽ سندس اهڙي عمل تي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو آهي ۽ مان عدالت مان ٻاهر نڪري آيو آهيان. هڪ پاسي سڄي سنڌ شهيدن جي وارثن سان گڏ بيٺل آهي ۽ ٻئي پاسي شهيد جي ڀاءُ هي ڪم ڪيو آهي. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا چوان

ان کان اڳ افضل جوکيو مختلف وقتن تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران اهو چوندو رهيو آهي ته ايم اين اي عبدالڪريم جوکيو به منهنجي ڀاءُ جي قتل ۾ ملوث رهيو آهي. شهيد ناظم جوکيو جي گهرواري شيرين جوکيو به ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جوکيو کي مڙس جو قاتل قرار ڏيندي رهي آهي. ٽائيم نيوز کي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو هو ته منهنجو ڏير افضل ايم اي اي عبدالڪريم کي بابا ڪري سڏيندو هو ۽ ان ئي “بابا” دوکو ڪري ناظم جوکيو کي گهرايو ۽ قتل ڪرايو

ھي به پڙھندا

شهيد ناظم جوکيو جي وارثن ايم اين اي ڄام ڪريم جي آڇ رد ڪري ڇڏي