اسلام آباد/ ڪراچي (بيورو رپورٽ + اسٽاف رپورٽر) ايف آءِ اَي چيف جسٽس پاڪستان خلاف گُٿا لفظ استعمال ڪرڻ تان پ پ جَي ٽن وزيرن ۽ 5 ايم اين ايز سميت 15 اڳواڻن کي طلب ڪري ورتو، سائبر ڪرائيم سرڪل طرفان پ پ اڳواڻن کي 12 ۽ 13 آگسٽ تي طلبي جو نوٽيس جاري ڪيو ويو، طلب ڪيل پ پ جَي 3 صوبائي وزيرن ۾ ناصر حسين شاهه، سعيد غني، شهلا رضا شامل آهن، 5 ايم اين ايز ناز بلوچ، نفيسه شاهه، شاهده رحماني، قادر خان مندو خيل، قادر پٽيل کي به طلب ڪيو ويو آهي، ايف آءِ اَي موجب جوابدار مسعود الرحمان عباسي جَي موبائيل فون مان ڄاڻايل اڳواڻن جَي رابطن جو رڪارڊ مليو، پ پ جَي مقامي اڳواڻ مسعود الرحمان عباسي خلاف چيف جسٽس لاءِ گٿا لفظ استعمال ڪرڻ جو ڪيس ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم اسلام آباد ۾ داخل ڪيو ويو هو. جڏهن ته طلب ڪيل ٻين اڳواڻن ۾ يوسي 5 جو صدر متين قريشي، شفيق الرحمان جنرل سيڪريٽري، شيخ خظر انفارميشن سيڪريٽري، زاهد علي خان وارڊ پريزيڊنٽ، جواد احمد ڪورآرڊينيشن سيڪريٽري، حبيب احمد اسٽيج سيڪريٽري، زاهد قائمخاني اليڪشن سيل انچارج يوسي پنج پاڪ ڪالوني شامل آهي. سمورن اڳواڻن کي ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ونگ گلستان جوهر ڪراچي ۾ طلب ڪيو ويو آهي.