ايس ايس پيز رشوت ڏئي پوسٽنگ وٺندا آهن ۽ پوءِ رڳو وڏيرن ۽ سياستدانن جي خوشامد ڪندا آهن:جسٽس آفتاب ڳورڙ

0
460
Sukkur Court

سکر (بيورو رپورٽ) ايس ايس پيز رشوت ڏئي پوسٽنگ وٺندا آهن ۽ پوءِ رڳو وڏيرن ۽ سياستدانن جي خوشامد ڪندا آهن، پوليس آفيسرن کي پنهنجن جوانن جِي جان جي پرواهه ناهي ته عوام جو تحفظ ڪيئن ڪندا؟: سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ ممتاز ڇڄڻ قتل ڪيس ۾ جسٽس آفتاب ڳورڙ جا ريمارڪس، عدالت قتل ڪيس جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ تي پوليس آفيسرن مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رپورٽ رد ڪري ڇڏي، متاثر ڌر جي وڪيل دليل ڏنا ته ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن جو قبضو آهي، پوليس ڌاڙيلن آڏو بيوس بڻيل آهي، جسٽس آفتاب ڳورڙ ريمارڪس ڏنا ته ايس ايس پيز رڳو پئسا ڪمائڻ جي چڪر ۾ آهن، جيڪي سپاهين ۽ ايس ايڇ اوز کي ڌاڙيلن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏيندا آهن،عدالت ايس ايس پي گهوٽڪي کي 14 جون تي طلب ڪري ورتو.