رياض (م ڊ) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان روايتي مخالف ايران سان مفاهمت وارو رويو اختيار ڪندي چيو آهي ته تهران سان سٺن لاڳاپن جو خواهشمند آهيان، خابرو اداري موجب سعودي ولي عهد محمد بن سلمان هڪ خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته ايران پاڙيسري ملڪ آهي ۽ اسين سڀ ايران سان سٺا ۽ خصوصي لاڳاپا چاهيون ٿا، اسان نه ٿا چاهيون ته ايران جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿئي، ان جي ابتڙ اسان چاهيون ٿا ته ايران ترقي ڪري ۽ خطي ۽ دنيا کي خوشحالي طرف وٺي وڃي. اسان جو مسئلو ايران جو ناڪاري رويو آهي، اسان علائقائي ۽ عالمي ڀائيوارن سان گڏجي ايران جي ناڪاري رويي جو حل ڳولڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. اميد آهي ته اسان انهن مسئلن جو حل ڪڍي وٺنداسين ۽ ايران سان سٺا ۽ هاڪاري لاڳاپا قائم ڪنداسين جنهن سان سمورين ڌرين کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته رياض خطي ۽ عالمي اتحادين سان گڏجي تهران جي منفي رويي جو حل ڳولڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو هو. رپورٽ موجب سعودي ولي عهد جو لهجو گذريل انٽرويو جي مقابلي ۾ مفاهمت وارو هو، ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ هن ايران تي خطي ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جو الزام لڳايو هو. سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ايران سان ڳالهين بابت ڪابه وضاحت نه ڪئي. سعودي ولي عهدي انٽرويو ۾ چيو ته سعودي عرب ۾ انڪم ٽيڪس ڪنهن به قيمت تي لاڳو نه ٿيندو، 15 سيڪڙو ويليو ايڊڊ ٽيڪس عارضي آهي، جڏهن ته سعودي عرب ۾ بيروزگاري جي شرح هن سال 14 سيڪڙو کان گهٽجي 11 سيڪڙو ٿي ويندي. شهزادي محمد بن سلمان چيو ته عالمي وبا ڪورونا باوجود سعودي عرب جي سڀني شعبن ۾ ڪاميابي جا انگ اکر بهترين آهن.

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان سعودي ولي عهد جي ايران سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ واري بيان جي آجيان ڪري ڇڏي، وزيراعظم ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته ايران اسانجو پاڙيسري ملڪ ۽ سعودي عرب ويجهو دوست آهي، ايران ۽ سعودي عرب ۾ بهتر لاڳاپن سان مسلم امت مضبوط ٿيندي.