نئين دهلي (م ڊ) ڀارت ۾ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيندڙن جو انگ ٻن لکن کان وڌي ويو. ڀارت ۾ ڪورونا سبب صورتحال ترين خراب ٿي وئي آهي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران به ملڪ ۾ تقريبن 3 لک 61 هزار ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي. ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن سبب ڀارت جي اسپتالن ۾ آڪسيجن ۽ دوائن جي کوٽ برقرار آهي، جنهن جي نتيجي ۾ فوتگين ۾ به تيزيءَ سان واڌ ٿي رهي آهي. ڀارت ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 11 سو کان وڌيڪ فوتگيون سامهون آيون، جنهن جي نتيجي ۾ هيل تائين فوت ٿيندڙن جو انگ 2 لک 2 هزار 281 تي پهچي ويو آهي.