ايران جي صدارتي چونڊن ۾ ابراهيم رئيسي ميدان ماري ويو

0
424

ڪراچي (م ڊ) ايران جي صدارتي چونڊن ۾ ابراهيم رئيسي ميدان ماري ويو، پرڏيهي خابرو اداري موجب سپريم ليڊر خامنه اي جي اهم ساٿي قدامت پسند ابراهيم رئيسي جي اليڪشن ۾ ڪاميابي جي تصديق ڪئي آهي، جڏهن ته صدارتي اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ رئيسي جي مقابلي ۾ ٽن اميدوارن پنهنجي شڪست تسليم ڪندي ان کي مبارڪون ڏنيون، 60 ورهين جو ابراهيم رئيسي ايران جو اعليٰ ترين جج آهي ۽ هو امريڪي پابندين جي زد ۾ به آهي، هن کي 2019 ۾ جڊيشري جو سربراهه مقرر ڪيو ويو هو، ايراني صدر جي عهدي کان فارغ ٿيندڙ حسن روحاني سرڪاري ٽي وي تي خطاب ۾ چيو ته اليڪشن ۾ ملڪ جي نئين صدر کي چونڊيو ويو آهي، پر هن کٽندڙ اميدوار جو نالو نه ورتو، حسن روحاني جو چوڻ هو ته عوام کي ان جي چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو، پر اسان ڄاڻون ٿا ته اليڪشن ۾ ڪنهن وڌيڪ ووٽ کنيا ۽ عوام ڪنهن کي چونڊيو آهي، جڏهن ته ايراني صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ محسن رضائي، امير حسين ۽ عبدالنصير همتي ابراهيم رئيسي کي مبارڪون ڏنيون، ايراني سرڪاري ٽي وي موجب شروعاتي نتيجن ۾ ابراهيم رئيسي کي 62 سيڪڙو حمايت ملي پر اليڪشن جو سرڪاري نتيجو گهرو وزارت جاري ڪندي..