ايراني صدر جو دورو ۽ آمريڪي ڪاوڙ

0
32
ايراني صدر جو دورو ۽ آمريڪي ڪاوڙ

سي پيڪ تي جنگي رفتار سان ڪم ٿي رهيو هو، مستقبل جي توانائي جي ضرورتن لاءِ نواز شريف آمريڪي دٻاءُ کي رد ڪري گئس پائيپ لائين منصوبي تي ڪم شروع ڪرڻ وارو هو. ايراني صدر گئس پائيپ لائين منصوبي تي ڪم شروع ڪرڻ لاءِ گڏيل پريس ڪانفرنس لاءِ پاڪستان جي دوري جي دعوت قبول ڪئي هئي.

                 ايراني صدر پاڪستان جي دوري تي پهتو. ايران مان آپريٽ ٿيندڙ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن جي  گرفتاري جو اعلان ٿي ويو. هڪ پالتو صحافي ذريعي ايران جي صدر کان خاص طور تي ڪلڀوشن جي حوالي سان سوال ڪرايو ويو. ايراني صدر جو دورو شروعات ۾ ئي ناڪام ٿي ويو. دورو ناڪام ڪرائيندڙ جنرل راحيل شريف رٽائرمينٽ کانپوءِ پيٽرو ڊالر جنگ ۾ ايران جي حريف سعودي عرب جي سربراهي ۾ اسلامي فوج جو سربراهه بڻجي پنهنجون ايندڙ پيڙهيون سنواري ويو ۽ نواز شريف يمن ۾ فوج نه موڪلڻ ۽ پاڪ- ايران گئس پائيپ لائين جي فيصلي جي ڪري سعودي حڪمرانن  سان ذاتي لاڳاپن جي گرم جوشي کان به محروم ٿي ويو. هڪ سرڪاري ملازم رٽائرمينٽ کانپوءِ به ‘سربراهي’ مان مستفيد ٿي ويو. نواز شريف کان اڳ آصف علي زرداري صدارت جي آخري سال ۾ پاڪ- ايران گئس پائيپ لائين منصوبي تي صحي ڪري ڇڏي ۽ آمريڪي پراڪسي سينگارپور پورٽ کان گوادر پورٽ جو ڪانٽريڪٽ به رد ڪري چيني ڪمپني کي ڏيئي ڇڏيو. نواز شريف اهو ڪم اتان شروع ڪيو، جتي آصف علي زرداري ڇڏيو هو. ٻنهي جا فيصلا حب الوطني وارا فيصلا هئا. ٻنهي انهن فيصلن جي قيمت ادا ڪئي. زرداري صدارت ڇڏڻ کانپوءِ فالودي واري جي اڪائونٽن جو نشانو بڻيو ۽ نواز شريف وزيراعظم هوندي به پناما ۾ اقاما جو نشانو بڻيو.

انهن سالن ۾ يعني ڪلڀوشن جي گرفتاري جي اعلان کان اڄ ايراني صدر جي دوري تائين توانائي جي شعبي ۾ گردشي قرض معيشت کي کائي ويو آهي. عوام کي خودڪشين ۽ ڌاڙن جي راهه تي لڳايو ويو آهي. پاڪستان کي ساڍا ڇهه سيڪڙو واڌ جي شرح کان ڏيوالپڻي واري رياست بنايو ويو آهي. ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ جي قيادت سول حڪومت جي پٺيان بيهي رهي ها ۽ ڪلڀوشن جي گرفتاريءَ جو ايراني صدر جي عين دوري دوران اعلان ڪرڻ بدران سفارتي سطح تي معاملو کنيو وڃي ها. جمهوري حڪومت جي ڪلهن تي ذميداري وجهي پاڪ- ايران گئس پائيپ لائين منصوبو مڪمل ڪرايو وڃي ها ۽ سي پيڪ جي تڪميل سان روشن، خوشحال ۽ طاقتور پاڪستان جي خواب جي ساڀيان ۾ حصو ملايو وڃي ها ته اڄ پاڪستان گداگري جي ان سطح تي نه هجي ها، جنهن تي هن وقت آهي.

اڄ وري ايراني صدر پاڪستان جي دوري تي آهي پر اسٽيبلشمينٽ جي سربراهي راحيل شريف وٽ نه پر عاصم منير وٽ آهي. راحيل شريف کان باجوه تائين جيڪو گند پکيڙيو ويو، ان جي منفي اثرن کان پاڪستان کي بچائڻ جي ذميواري موجوده آرمي چيف تي آهي. موجوده آرمي چيف پينٽاگون جي شر کان پاڪستان کي بچائيندي اهو ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ڪرڻ وارو آهي. خاموشيءَ سان ‘ازلي دشمن’ ڀارت سان واپاري لاڳاپا وڌي رهيا آهن. ڪجهه مهينن جي روانگي واپار ۾ اضافي سان پاڪستان کي اربين رپين جو فائدو ٿي چڪو آهي.

ايراني صدر ڪنهن نئين ڪلڀوشن جي گرفتاريءَ جي اعلان نه ٿيڻ واري خاطري کانپوءِ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. ايرانين کي خوش ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت هڪ شاهراهه جو نالو “شاهراهه ايران” رکي ڇڏيو آهي. ميان نواز شريف هڪ نجي شخصيت هجڻ جي باوجود پنهنجي ذاتي لاڳاپن کي ملڪي مفاد ۾ استعمال ڪندي چين جي نجي دوري تي روانو ٿي رهيو آهي (جيڪو هي سٽون ڇپجڻ تائين وڃي چڪو هوندو). آمريڪين کي پاڪ- ايران گئس پائيپ لائين منصوبي جي درخواست ڏني وئي آهي ۽ موٽ ۾ واپاري ۽ اقتصادي پابندين جي ڌمڪي به ٻڌي وئي آهي. آمريڪين پنهنجي ڪاوڙ جي اظهار لاءِ پاڪستان ۾ ميزائل سازي ۾ مدد وارو ڇسو الزام لڳائي ٽن چيني ڪمپنين تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. چيني شهرين ۽ ماهرن کي هدف بنائڻ جو هڪ نئون سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

پاڪستان جو جيڪڏهن رخ درست ٿي ويو، ماضي جي غلطين جو ادراڪ ڪيو ويو ته يقيني طور تي اسان ان بحران مان نڪري اينداسين ۽ جيڪڏهن ايئن ٿيو ته اهو قبر مان واپسي جهڙو ڪم هوندو.

———— اظهر سيد