ڳالهيون ڳنوارن جون … هڪ ياد خان محمد پنهور جي ….

0
36
ڳالهيون ڳنوارن جون ... هڪ ياد خان محمد پنهور جي ....

 اوڻويهه سئو ستر واري ڏهاڪي ۾ مس مس وڃي ٻهراڙيءَ وارن ڇوڪرن لاءِ ڪراچيءَ ۾ نوڪرين جا در کليا. نوجوان هوريان هوريان ٿي ڪراچي پهچڻ لڳا. گارڊن ويسٽ ۽ فيڊرل سي ايريا جي ڪوارٽرن ڪي قدر رهائش جو مسئلو حل ڪيو. ڪن بزرگ مهاجر لوڪن به جايون مسواڙ تي ڏيڻ شروع ڪيون. انهن پڙهيل لکيل ڇوڪرن لاءِ وندر ۽ ورونهن ۽ گهمڻ ڦرڻ جون جايون ڪلفٽن، ڪياماڙي وارو بندرگاهه، وڪٽوريا روڊ، ايلفي اسٽريٽ ۽ طارق روڊ هيون. پڙهيل لکيل جوانن لاءِ ميٽروپول هوٽل جي سامهون برٽش ڪائونسل لائبريري ۽ امريڪن سينٽر هئا، جتي ٿڌي، خاموش ۽ پرسڪون ماحول ۾ سوين نوجوان پڙهڻ ۾ مشغول نظر ايندا هئا. انهن لائبريرين ۾ قديم ۽ جديد دور ۾ لکيل انگريزي ۽ اردو جا ڪتاب، اخبارون ۽ رسالا پڙهڻ لاءِ موجود هوندا هئا. سائنسي علوم، جاگرافي، تاريخ، فلسفي ۽ فڪشن تي وڏو لٽريچر موجود هوندو هو. پڙهڻ وارن ۾ اڪثريت ته اردودان طبقي جي هوندي هئي پر ايڪڙ ٻيڪڙ ڪو سنڌي به نظر اچي ويندو هو.

منهنجو پنهنجو ڪراچي سان واسطو گهڻو دير 67-1966ع ۾ ٿيو. ان کان ويهارو سال کن اڳ اسان جي خاندان سان هڪ حادثو پيش اچي چڪو هو. منهنجي ڏاڏي بابا ۽ امان وارا حج زيارتن لاءِ مڪي، مديني، شام، عراق ۽ ايران جي سفر تي وڃي رهيا هئا. هو ڪراچي ۾ حاجي ڪيمپ ۾ مقيم هئا ته منهنجو ننڍڙو ڀاءُ روشن علي بيمار ٿي پيو. ڪنهن ڊاڪٽر جي دوا اثر ڪونه ڪيو. ساهه جي تند ڇڄي پئي. امان جون لوليون ۽ لوريون آهن، سسڪين ۽ ناله و فرياد ۾ تبديل ٿي ويون. اي مديني جا مير! اي شاهه نجف! هي اسان سان ڇا ٿي ويو. ڀلي پار ويندي هڪ مسڪين پيءُ ۽ بيوس ماءُ جي جهولي خالي ٿي وئي. هڪ ابهم ٻار جو لاش ڪراچي جي ڪنهن قبرسان ۾ مٽيءَ جي حوالي ڪري ننڍڙي قبر تي پاڻي ڇڻڪاري بابا سائين ڳوڙها ڳاڙيندو خالي هٿين خيمي ۾ موٽي آيو. قيامت جون اهي گهڙيون هنن مسڪينن، ڀلي پار جي پانڌين تي ڪيئن گذريون، بابا ۽ امان کان اهو درد ڪڏهن به ڪونه وسريو.

مدينو، شام، نجف، ڪربلا، قم ۽ مشهد مقدس جو ٻن مهينن وارو اهو پنڌ ٻن زال مڙس ۽ ٻڍڙي ڏاڏي پنهنجي ٻئي وڏي ڪٽنب ۽ ڪهول سان ڪيئن ۽ ڪهڙين حالتن ۾ پورو ڪيو. آگ بوٽ تي سامونڊي ۽ بسن تي صحرائن جو اهو سفر ڪيئن گذريو، ان جي ته مونکي خبر ڪانهي پر پوءِ بابا ۽ امان جي اکين مان مرندي گهڙيءَ تائين ڳوڙها ڪڏهن ڪونه سڪا. لڙڪ لڙندا رهيا. اندر جي باهه ٻرندي رهي. هو ٻئي زال مڙس ذاڪر اهلبيت بڻجي ويا. مجلسون پڙهندا، روئندا ۽ روئاڙيندا رهيا.

خير اها ڳالهه تي از راهه تذڪره، قلم جي نوڪ تي اچي وئي. ڳالهه پئي ڪيم ته ڇهين مارچ 1974ع ۾ مون نئين نوڪريءَ جي شروعات ڪراچي مان ڪئي. خوشين ۽ ڳڻتين وارو اهو ڏينهن مونکي اڃان تائين ياد آهي. منجهند جو آفيس مان نڪري هڪ اوپري ۽ اڻڄاڻ مسافر وانگر رستي تي هلي پيس. اها آفيس گرو مندر تي دادا دولت مهتاڻي جي بنگلي جي سامهون، مير غلام علي خان ٽالپر جي بنگلي ڀرسان، ڪنهن ٽالپر امير جو بنگلو مسواڙ تي وٺي قائم ڪئي وئي هئي.

اجهاڳ ڇر وانگر پکڙيل هيڏي وڏي وشال شهر ۾ غير ارادي طور صدر صدر پڪاريندڙ ڪنڊيڪٽر واري بس ۾ سوار ٿيس. صدر ۾ لهي سيڪريٽريٽ جو رخ رکيم. مونکي ياد آيو، نئين زندگي رسالي جي آفيس پاڪ سيڪريٽريٽ جي ڪنهن بلاڪ ۾ هئي. پڇائي وڃي پهتس. مولانا عبدالواحد سنڌي ۽ شمشير الحيدري جهڙين قدآور شخصيتن سان ملاقات ٿي پر اتي هڪ ٻيو به شخص ويٺو هو، جنهن سان حيدرآباد ۾ واقفيت ٿي هئي ۽ پوءِ اها دوستيءَ ۾ تبديل ٿيندي، دير ئي ڪانه لڳي هئي. اهو هو خان محمد پنهور. اسين ڀاڪرين پئجي وياسين پر اهي ڀاڪر پيار ڀريا پنهنجائپ وارا هئا. مولانا عبدالواحد سنڌي ۽ شمشير الحيدري سان تعارفي ملاقات ڪري موڪلايوسين. ‘سوجهرو’ رسالي جي آفيس راڪ ڪورٽ وڪٽوريا روڊ تي هئي. ان جو مالڪ دادا دولت مهتاڻي هڪ فقير منش انسان هو پر ان جو سنڀاليندڙ تاج بلوچ هو. اهو چٽي طرح ياد ڪونه ٿو اچيم ته پهريائين تاج بلوچ سان ملي پوءِ نئين زندگي جي آفيس ۾ ويو هئس ۽ خان محمد پنهور سان ملاقات ٿي هئي.

بهرحال اسين ٻئي پيرو پيادي بندر روڊ تي شيخ عبدالمجيد سنڌي جي فليٽ تي پهتاسين. پاڻ علالت سبب بستري تي ليٽيل هئا. خان محمد پنهور ۽ اعجاز سنڌي گڏجي، “شيخ عبدالمجيد سنڌي اڪيڊمي” جو بنياد رکيو هو. ان سلسلي ۾ خان محمد جو شيخ صاحب جي فليٽ تي گهڻو اچڻ وڃڻ ٿيندو هو ۽ ويجهڙائپ به وڌي وئي هئي. اسان ڪجهه دير اتي ويٺا رهياسين ۽ هڪ عظيم سنڌي ليڊر جي تاريخي ڳالهين مان محفوظ ٿيندا رهياسين. آئون سوچيندو رهيس، هيڏي وڏي ملڪ جي هيڏي وڏي شهر ۾، هيڏو وڏو ليڊر ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ هڪ ننڍڙي سوڙهي ليز تي ورتل فليٽ ۾ ميري بستري تي ليٽيل زندگي جا آخري ايام گذاري رهيو آهي. ڪوئي پرسان حال ڪونهي. نڌڻڪي بيوس بڻايل قوم جو عظيم ليڊر ڪنهن کي به ياد ڪونهي. افسرده ۽ اداس دل کي پرڀائڻ جي ڪوشش ڪندي پاڻ کي ايڏو ته پتڪڙو محسوس ڪيم جو مٽي جاءِ ڏئي ته سسئي وانگر ٽٻي هڻي وڃي ٻئي جهان ۾ پهچان. خان محمد پنهور همت وڌائي. جڙتو ۽ نقلي مسڪراهٽن جو تبادلو ٿيو ۽ اسين اٿي پياسين.

اڳين منزل هئي رمپا پلازه. سنڌ جي هڪ سجاڳ سپوت ڊاڪٽر سليمان شيخ جي نئين ٺاهيل تنظيم، “سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن” جي هيڊ آفيس. هتي ڊاڪٽر سليمان شيخ ۽ ولي محمد روشن جهڙن روشن خيال ماڻهن سان مکا ميلو ٿيو. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي گڏجاڻي ۾ شرڪٽ جو موقعو مليو. ڊاڪٽر صاحب جي اشاري تي ولي محمد روشن ميمبرشپ فارم اڳتي وڌايو. فارم ڀري في ڏيئي سينيارٽي لسٽ ۾ 122 نمبر حاصل ڪري، ڪي قدر اطمينان محسوس ڪيم. دل تان اڃان تائين شيخ عبدالمجيد سنڌي جي رهائشگاهه وارو منظر ڪونه لٿو هو. من جو هما ويراني ۾ پرواز ڪندي محسوس ٿي رهيو هو. منهنجي لاءِ رهائش جو مسئلو دل تي ڪاريهر وانگر ڪر کنيو بيٺو هو. آفيس مان اٿياسين. آئون چپ چاپ خان محمد جي پويان هلي رهيو هوس. هو مسلسل ڳالهائي منهنجي دل وندرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. گارڊن ويسٽ پهچي هن هڪڙي ڪوارٽر جو دروازو کڙڪايو. در کليو، اندر داخل ٿياسين. آئون ڄڻ موري پنهنجي گهر پهچي چڪو هوس.

(هلندڙ)