ايراني صدر جو دورو خطي ۾ ‘گيم چينجر’ ثابت ٿيندو؟

0
26
ايراني صدر جو دورو خطي ۾ ‘گيم چينجر’ ثابت ٿيندو؟

 ايران جو صدر ابراهيم رئيسي ڪالهه ٽن ڏينهن جي دوري تي، پنهنجي گهرواري ۽ اعليٰ سطحي وفد سان اسلام آباد پهتو آهي. جتي ڪالهه هن وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. سندس دوري جي شيڊيول ۾ صدر پاڪستان آصف علي زرداري، سينيٽ ۽ قومي اسيمبليءَ جي چيئرمين، توڙي سنڌ ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن ۽ گورنرن سان ملاقات شامل آهي. اٺن سالن کانپوءِ ڪنهن ايراني صدر جو اهو پهريون پاڪستان جو دورو آهي. 2016ع ۾ تڏهوڪي ايراني صدر حسن روحاني پاڪستان جو دورو ڪيو هو. ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي هن دوري ۾ ايندڙ پنجن سالن اندر پاڪ- ايران واپار کي 10 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ واپار، توانائي، ثقافت ۽ عوام سان عوام جي رابطن وارن شعبن ۾ تعاون کي وسيع ڪرڻ جو عزم پڻ ورجايو ويو آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هن وقت اهم مسئلو سرحدي دهشتگردي آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ ٻنهي ملڪن طرفان سينئر فوجي آفيسرن کي رابطي ڪار آفيسر مقرر ڪيو ويندو ته جيئن سرحدي تڪرار جنم نه وٺن ۽ ڪنهن اهڙي امڪاني صورتحال کي ترت حل ڪري سگهجي. صدر ابراهيم رئيسي اڄ صبح جو لاهور پهچندو ۽ اڌ ڏينهن لاهور ۾ گذارڻ کانپوءِ ڪراچي روانو ٿي ويندو. ڪراچي ۾ اڄوڪي ڏينهن تي موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.

هن دوري ۾ ايراني صدر پاڪستاني قيادت سان واپار وڌائڻ ۽ سرحد جي معاملن تي ڳالهيون ڪندو. علائقائي حالتن ۽ ٻه طرفن لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ايراني صدر جي ان دوري جي اهميت ان ڪري به آهي جو ايران جي اسرائيل تي حملي کانپوءِ ايراني صدر جو اهو پهريون پرڏيهي دورو آهي. هلندڙ سال جنوري ۾ ايران جي پاڪستاني سرحد ۾ حملي ۽ پاڪستان جي جوابي حملي کانپوءِ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو هو پر پوءِ ترت ئي ٻنهي ملڪن ان ۾ ٺاپر آڻڻ لاءِ قدم کنيا. هن دوري ۾ ٻئي پاڙيسري ملڪ، معاشي، سرحدي، واپار ۽ توانائي جي حوالي سان ڳالهيون ڪندا. ايران طرفان چيو ويو آهي ته اسلامي جمهوريه ايران پاڙيسرين سان پنهنجي بهتر پاليسي موجب پاڪستان سان لاڳاپا مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. واپاري، معاشي، توانائي ۽ سرحدي معاملن بابت پڻ ان دوري ۾ ڳالهيون ٿينديون. هڪ عالمي نشرياتي اداري مشرف زيدي جي حوالي سان رپورٽ ڪيو آهي ته رئيسي جي دوري جو مقصد راولپنڊي (فوجي قيادت) ۽ اسلام آباد کان ايران لاءِ حمايت جو تاثر يقيني بنائڻ آهي. ايران جا اسٽريٽجڪ مفڪر اهو ڄاڻن ٿا ته پاڪستان هن وقت گهريلو سياسي ڇڪتاڻ ۽ معاشي مجبورين جي گهيري ۾ آهي، ان ڪري وچ اوڀر جي تڪرار ۾ ان جي سرگرمي محدود هوندي.

ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا لاهن چاڙهن جو شڪار رهيا آهن. ٻئي ملڪ هڪٻئي تي هٿياربند گروهن کي ڪنٽرول نه ڪرڻ جو الزام هڻندا رهيا آهن. هن سال جنوري ۾ سرحدي ڇڪتاڻ عروج تي هئي. ايران جي پاڪستاني سرحد اندر حملي جي نتيجي ۾ ٻه ٻارڙا مارجي ويا هئا. ايراني ميڊيا اها دعوا ڪئي ته اهو حملو جيش العدل جي ٺڪاڻن تي ڪيو ويو هو ۽ پاڪستان جوابي حملي ۾ هتي جي عليحدگي پسندن جي ايران ۾ ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو. جيئن ته ان وقت ملڪ ۾ نگران حڪومت هئي. ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ ايتري وڌي جو پاڪستان پنهنجو سفير واپس گهرائي ورتو پر پوءِ ٻنهي ملڪن سوچيو ته ڇڪتاڻ انهن جي مفادن ۾ ناهي، ان ڪري سرچاءُ جون ڪوششون ڪيون ويون. نگران حڪومت کانپوءِ چونڊيل حڪومت سان ايران وڌيڪ بهتر نموني سان ڳالهائي سگهي ٿو، ان ڪري ئي ايران طرفان پاڪستان جي دوري لاءِ هن وقت جي چونڊ ڪئي وئي. سينئر سفارتڪار مليحه لوڌي جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سرحدي ڇڪتاڻ افغان ۽ ڀارت سان وڌيل آهي، ان ڪري ايران سان بهتر لاڳاپن جي وڏي اهميت آهي.

هن وقت جڏهن ايران طرفان اسرائيل تي حملي کانپوءِ عالمي سطح تي ماحول ڪجهه ڇڪتاڻ وارو آهي ۽ آمريڪا پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ وڌندڙ تعاون تي پڻ گهڻو ناراض آهي. آمريڪا پاڪ- ايران گئس پائيپ لائين جي راهه ۾ پڻ رڪاوٽ بڻيل آهي، ان وقت ايران جي صدر طرفان پاڪستان جو دورو انتهائي اهميت وارو آهي. ٻئي ملڪ عالمي طاقتن جي دٻاءُ بدران پنهنجي مفاد ۾ فيصلا ڪندا، سرحدي تڪرار نبيريندا ۽ واپار کي وڌائيندا ته ان سان سٺا نتيجا نڪرندا.