ايراني صدر جو دورو ۽ اُن سان لاڳاپيل اُميدون

0
25
پريس جي آزاديءَ جي عالمي ڏينهن تي خضدار مان مليل ‘پيغام’

ايراني صدر ٽن ڏينهن جي دوري تي ڪالهه پنهنجي وفد سان پاڪستان پهچي چُڪو آهي، جتي واپار، معيشت، سرحدي معاملن ۽ ٻين مسئلن تي ڳالهيون ٿيڻيون آهن. هن وقت جڏهن عالمي سطح تي ايران- اسرائيل تڪرار سبب اڳ ۾ ئي واضح صفبندي ۽ پولرائيزيشن آهي. اهڙي ماحول ۾ ايراني صدر جو پاڪستان جو دورو انتهائي اهميت رکندڙ آهي ۽ سڄي دُنيا جون نگاهون هن اهم تاريخي دوري تي آهن. ايراني صدر جي دوري ۾ پاڪ- ايران واپار، جيڪو هن وقت 2 ارب ڊالر آهي، ان کي پنجن سالن ۾ 10 ارب ڊالر تائين وڌائڻ وارو عزم، هڪ بهتر قدم آهي. ان سان گڏ ڇڪتاڻ وارن ٻين مسئلن جي نبيري جو پڻ امڪان آهي. ايراني صدر جي دوري سان خطي ۾ بهتريءَ جون هوائون گُهلي سگهن ٿيون، پر شرط اهو آهي ته پاڪستان، آمريڪي دٻاءُ کي برداشت ڪرڻ جي سگهه ۽ حوصلو رکي ۽ عالمي طاقتن جي دٻاءُ ۾ اچڻ بدران پنهنجي ملڪي مفاد موجب فيصلا ڪري. اهو شرط ايران سان پڻ لاڳو ٿئي ٿو، پر ايران وٽ وڃائڻ لاءِ باقي ڪُجهه به ناهي بچيو. ايران اڳ ۾ ئي سخت عالمي پابندين کي ڀوڳي رهيو آهي ۽ اهو انهن حالتن ۾ به منهن ڏيندو اچي.

ايراني صدر جي پاڪستاني دوري سان تمام گهڻيون اُميدون وابسته آهن ۽ امڪان اهو آهي ته، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ جيڪا ڪئين سالن کان ڇڪتاڻ رهندي آئي آهي، ان ۾ گهٽتائي ايندي. ٻنهي ملڪن جو اهم مسئلو واپار ۽ دهشتگرديءَ جو آهي. پاڪستان، ايران جي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ جو الزام هڻندو رهيو آهي ۽ ان لاءِ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن جي ايران مان سرگرميون ڪرڻ جو مثال ڏنو ويندو آهي. ان کانسواءِ پاڪستاني علحدگي پسندن جي ايران ۾ موجودگي ۽ اُتي جي سرزمين استعمال ڪرڻ جي پڻ ڳالهه ٿيندي رهي آهي، جڏهن ته ايران پاڪستاني بلوچستان مان ايران مخالف دهشتگرد تنظيمن جي ايران خلاف ڪاررواين لاءِ پاڪستاني سرزمين جي استعمال جا الزام هڻندو رهيو آهي. ايراني صدر جي تازي دوري دوران ان معاملي تي ڳالهيون بهتريءَ وارا نتيجا ڏئي سگهن ٿيون. هونئن به پاڪستان ۾ دهشتگردي وڏو مسئلو آهي ۽ اُلهندي سرحد وارن پاڙيسرين سان لاڳاپا بهتر ڪري اُن دهشتگرديءَ کي گهٽائي سگهجي ٿو.

ايراني صدر جي پاڪستاني دوري سان آمريڪا جي ڪاوڙ وڌندي نظر اچي پئي، جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته، اها عالمي طاقت پاڙيسرين سان پاڪستان جي سرچاءَ ۽ بهتر لاڳاپن جي حق ۾ ناهي. ان جو مقصد اهو آهي ته، پاڪستان کي اڪيلو ڪري بيوس بڻائي پنهنجو محتاج رکجي، ان ڪري پاڪستان کي پنهنجي ملڪي مفادن کي نظر ۾ رکي فيصلا ڪرڻ گهرجن. رُڳو خطي جا ملڪ پاڻ ۾ واپار کي وڌائين ته به گهڻو فائدو پهچي سگهي ٿو. ائين به ڪونهي ته ماضيءَ ۾ اهڙيون ڪوششون ناهن ٿيون، پر جڏهن به اهڙيون ڪوششون ٿيون آهن، ڪا بهتر اڳڀرائي ٿي آهي ته ان کي “تارپيڊو” ڪيو ويو آهي. آمريڪا پاڪ- ايران گئس پائيپ لائين جي راهه ۾ رنڊڪ بڻيل آهي. هر اُن قدم ۾ رُڪاوٽ وڌي وڃي ٿي، جيڪو خطي ۾ بهتريءَ جي ڪا اُميد کڻي اچي ٿو. پاڪستان ۽ ايران نه صرف ٻه پاڙيسري، برادر اسلامي ملڪ آهن پر ثقافتي لحاظ کان به اهي ڳنڍيل آهن. ٻئي ملڪ شروع کان وٺي بهتر لاڳاپن ۽ تعلق ۾ رهيا آهن، جنهن جو مثال آر سي ڊي نالي اتحاد هو. ان ترقياتي اتحاد ۾ پاڪستان سان گڏ تُرڪي ۽ ايران شامل هئا، جن جي ترقياتي رٿا ۾ سهڪار ۽ شراڪتداري هُئي. هن وقت ايران آمريڪي عتاب هيٺ آهي. اهو عالمي پابنديون ڀوڳي رهيو آهي. هتي عالمي پابندين جو مطلب آمريڪا بهادر جي ناراضگي ۽ ان جي طرفان پابندين تي دُنيا جي ٻين ملڪن کان عمل ڪرائڻ آهي، جنهن کي عالمي پابندين جو نالو ڏنو ويو آهي. اهو بلڪل ائين آهي جيئن اسان جي ملڪ آمريڪا جي مفان جي جنگ، دهشتگرديءَ خلاف عالمي جنگ جي نالي ۾ وڙهي ۽ نتيجي ۾ پاڪستان دهشتگردي جو ميدان بڻجي ويو. اسان رڳو غير نيٽو اتحادي واري ”اعزاز“ ۾ ئي خوش هئاسين. جيئن ته هن وقت ايران عالمي پابندين کي ڀوڳي رهيو آهي ۽ پاڪستان، جيڪو هڪ ائٽمي قوت آهي پر اهو معاشي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل آهي. ٻنهي ملڪن جي ويجهڙائي ۽ سهڪار ٻنهي جي مفادن ۾ آهي، ان ڪري ٻنهي ملڪن کي ان دوري واري تاريخي موقعي مان فائدو وٺڻ گهرجي.