اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙو ڀرسان ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، ناني ڏوهٽو چيڀاٽجي فوت ٿي ويا. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ڳوٺ حاجي قيصر گرگيج جا رھواسي پنهنجي ڳوٺ کان ڏھرڪي وڃي رهيا هئا ته اوٻاوڙي ۾ نيشنل هاءِ وي ملڪ ڪالوني وٽ ٽرالر موٽرسائيڪل سان ٽڪرائجي ويو، نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار محمد معروف زخمي ٿي پيو، جڏهن ته 40 سالن جي فرزانه زال محمد عباس گرگيج ۽ سندس ڏوهٽو ٻن سالن جو  تصور علي پٽ سعيد احمد گرگيج موقعي تي چيپاٽجي فوت ٿي ويا. علائقي واسين ۽ پوليس حادثي واري هنڌ پهچي فوتين جا مڙهه ۽ زخميءَ کي کڻائي تعلقي اسپتال اوٻاوڙو پهچايو. ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. وارث مڙھه کڻائي اباڻي ڳوٺ حاجي قيصر ۾ پھتا ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. علائقي ۾ ڏک جي لهر پکڙجي وئي آهي. ياد رهي ته موٽر سائيڪل سوار پنھنجي ڳوٺ کان ڏھرڪي شادي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ وڃي رھيا ھئا ته اوٻاوڙو نيشنل هاءِ وي ملڪ ڪالوني وٽ حادثو پيش آيو. هوڏانهن اوٻاوڙو پوليس ٽرالر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي.