حيدرآباد(بيورو رپورٽ) ايسوسيئيشن آف بلڊرز اينڊ ڊولپرز (آباد)، حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن پاران پلاٽن ۽ ملڪيتن جي اين او سي جاري ڪرڻ واري عمل کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري فيصلي جي آجيان ڪئي آهي. آباد جي وائيس چيئرمين انجنيئر فراز احمد ميمڻ،  حيدرآباد جي عهديدارن قاضي اعجاز احمد، عبيد راجپوت ۽ ٻين هڪ بيان ۾ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزير اعلا سنڌ سيد مراد علي شاھ،  مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ، حيدرآباد جي اڳواڻن، ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جو ٿورو مڃيندي چيو آهي ته ماضي جيان پ پ سنڌ جي قيادت ۽ سنڌ حڪومت بلڊرز جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا آهن. انهن چيو ته خاص طور ايڇ ايم سي جي ايڊمنسٽريٽر فواد غفار سومرو جا ٿورائتا آهيون جنهن آباد جي عهديدارن پاران پيش ڪيل مسئلن تي ترت قدم کنيا. هنن چيو ته آباد جي عهديدارن ايڊ منسٽريٽر کي آگاھ ڪيو هو ته ترميمي بلدياتي بل ۽ ايڇ ڊي اي جي 1976ع جي ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪندي حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن پلاٽن جي تقسيم، مرج ڪرڻ ۽ پلاٽن جي حيثيت تبديل ڪرڻ جي اين او سيز جاري ڪري رهي آهي جنهنکي فوري طور ختم ڪيو وڃي. آباد اڳواڻن چيو ته اين او سي ختم ٿيڻ سان حيدرآباد جي شهرين کي فائدو پهچندو ۽ تعميراتي شعبي کي ترقي حاصل ٿيندي.