اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اسلام ڪوٽ ويجهو پيرسن کوهه ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي، خبرموجب ڳوٺ ويسو جي ڍاڻي ۾ 60 ورهين جي چمن ولد مصري ميگهواڙ کوهه ۾ ٽپو ڏئي زندگي جو اَنت آڻي ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي پيرسن جو لاش کوهه مان ڪڍرائي اسلام ڪوٽ اسپتال آندو، جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس موجب فوتي جي وارثن جو چوڻ آھي ته پيرسن درويش صفت انسان هو، خبر ناهي هن ڇو کوهه ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي، پوليس موجب معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.