اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي چيئرمين حبيب الرحمان گيلاني جي استعيفيٰ منظور ڪندي عطاءُ الرحمان کي اضافي چارج ڏئي ڇڏي آهي، گذريل حڪومتي دور ۾ مقرر ٿيل اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي چيئرمين حبيب الرحمان گيلاني جي استعيفيٰ جي وفاقي ڪابينا سرڪيوليشن سمري جي ذريعي استعيفيٰ جي منظوري ڏني، وفاقي ڪابينا ڊاڪٽر سيد عطاءُ الرحمان کي اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي چيئرمين جي اضافي چارج ڏيڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ڊاڪٽر سيد عطاءُ الرحمان مذهبي مامرن جي وزارت ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري طور مقرر آهي، وفاقي ڪابينا جي منظوري کان پوءِ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن الڳ الڳ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا آهن.