ماسڪو (م ڊ) روس صدارتي محل تي ڊرون حملي جو ذميوار آمريڪا کي قرار ڏيندي ان جو ڀرپور جواب ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪريملن جي ترجمان بيان ۾ چيو ته محل تي ڊرون حملي جو ذميوار آمريڪا اهي ڇو جو يوڪرين جا قدم آمريڪا طرفان منظور ٿيل آهن. ترجمان چيو ته ڪيف واشنگٽن جي هدايت تي ٽارگيٽ رکندو آهي ۽ حملو ڪندو آهي، ڄاڻون ٿا ته ان قسم جي ڪارروائي پٺيان ڪيف نه پر واشنگٽن آهي. هن چيو ته روس يوڪرين ۾ آمريڪا جي مداخلت کان آگاهه آهي، ڪريملن تي ڪيف طرفان ڊرون حملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، روس مختلف قدمن سان حملي جو جواب ڏيڻ جو حق رکي ٿو. ٻي پاسي روسي پرڏيهي وزارت پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته صدارتي محل تي حملو ڪندڙن کي جلد ڳوليو ويندو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڳولا ۾ مصروف آهن. پرڏيهي وزارت چيو ته صدارتي محل تي حملي جو جواب ضرور ڏنو ويندو، ڪو به شڪ ناهي ته حملي پٺيان يوڪرين جو هٿ آهي.