ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ اسيمبلي  ۾ خوراڪ واري وزير مڪيش چاولا پاران پاليسي بيان ڏيڻ دوران پي ٽي آءِ جو ايوان ۾گوڙ: نعريبازي: ڊپٽي اسپيڪر خرم شير زمان کي خاموش ڪرائي ڇڏيو، ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس وقتي اسپيڪر ريحانا لغاري جي صدارت هيٺ سوا ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير مڪيش چاولا پاليسي بيان ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت وٽ ڪراچي ۾ ڪڻڪ وافر مقدار ۾ موجود آهي، فلور ملز ايسوسيئشن کي جيتري به ڪڻڪ گھرجي، اها چالان جمع ڪرائي خريد ڪري سگهن ٿا، کين اٽو 125 رپيا في ڪلو اگهه تي وڪرو ڪرڻ گهرجي، مڪيش چاولا جي پاليسي بيان دوران پي ٽي آءِ  وارن گوڙ ڪيو، خوراڪ کاتي تي سخت تنقيد ڪندي نعريبازي  ڪئي وئي، جنهن تي وقتي اسپيڪر ريحانه لغاري پي ٽي  آءِ  ايم پي اي خرم شير زمان ۽ ٻين کي خاموش  ڪرائي ڇڏيو، صوبائي وزير مڪيش چاولا پي ٽي آءِ ميمبرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان کي خبر ئي ناهي، خوراڪ کاتي ڪڻڪ خريداري جو 60 سيڪڙو ٽارگيٽ مڪمل ڪيو آهي، انهي کان اڳ ايڪسائيز کاتي بابت ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي صوبائي وزير مڪيش چاولا چيو ته سنڌ ۾ شراب جي مد ۾ سال 2017 دوران 3 ارب رپيا ٽيڪس اوڳاڙي ٿي آهي، سنڌ ۾ 43 لک گاڏيون رجسٽرڊ ٿيل آهن، هر ضلعي ۾ رجسٽريشن آفيس موجود آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايڪسائيز کاتي وٽ ايئرپورٽ ۽ ريلوي اسٽيشنن تي مسافرن وٽ منشيات جي موجودگي جو پتو لڳائڻ لاءِ سکيا ورتل ڪتا  ناهن، جڏهن ته ايئرپورٽ ۽ ريلوي واريون وزارتون وفاق جي ماتحت آهن، ٻنهي هنڌن تي چڪاس  جي ايف آءِ  اي جي ذميواري  آهي، ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن بل ۽ سنڌ ريگوليشن آف پاور اٿارٽي بل تعارف لاءِ  پيش ڪيا ويا، جڏهن ته ايوان  سنڌ ايجوڪيشن سٽي ترميمي بل  اتفاق راءِ سان پاس ڪري ڇڏيو، بعد ۾ وقتي اسپيڪرنڌ اسيمبلي جو اجلاس سومر  تي منجھند 2 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.