اسلام آباد(م ڊ) اينڪر پرسن ڪامران شاهد دعويٰ ڪئي آهي ته اهم ترين شخص جي صلاح تي عمران خان توهين عدالت ڪيس ۾ غير مشروط معافي وٺڻ وارو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته منهنجي سول ذريعن ڄاڻ ڏني آهي ته صدر عارف علوي کي هڪ اهم شخص عمران خان لاءِ پيغام ڏنو آهي ته عمران خان پنهنجي نااهلي کان بچڻ لاءِ عدالت ۾ معافي وٺي ان ڪري تمام جلد عمران خان نااهلي کان بچڻ لاءِ غيرمشروط معافي وٺندو.