ڪراچي (م ڊ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته آرمي چيف کي شارٽ ٽرم واڌ ڏيڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي ته نئون آرمي چيف نئين حڪومت اچي لڳائي، فوري طور اليڪشن ڪرائي وڃي تيستائين موجوده آرمي چيف کي شارٽ ٽرم واڌ ڏني وڃي، نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ فواد چوڌري پارٽي سربراهه عمران خان جي بيان جي وضاحت ڪندي چيو ته ايندڙ اليڪشن تائين موجوده آرمي چيف کي برقرار رکڻ مدي ۾ واڌ ئي هوندي، عمران خان جيڪا نئين آرمي چيف جي مقرري ملتوي ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي اها دراصل موجوده آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ ئي چئي ويندي پر  وڪيلن جون 2 مختلف راءِ آهن، هڪ راءِ آهي ته نيئن نوٽيفڪيشن جي ضرورت ئي نه آهي، جيڪو گذريل نوٽيفڪيشن آهي، اهو ئي جاري رهندو، ڪجهه وڪيل چون ٿا ته نئين نوٽيفڪيشن جي ضرورت آهي. هن چيو ته عمران خان ملڪ جي سياسي مستقبل ۽ جمهوريت جي بحالي جو هڪ عملي فارمولو پيش ڪيو، ان فارمولي تي اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي،  ملڪ جي اقتصادي حالت وڌيڪ سياسي عدم استحڪام جو بار نه کڻي سگهندي، چونڊون ڪرائڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ جو موجوده اسٽيٽس برقرار رکي سگهجي ٿو. ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شيرين مزاري نجي ٽي وي جي اينڪر تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اينڪر ۽ نواز ليگ جي ٽولي آرمي چيف بابت عمران خان جي بيان ۾ ڄاڻي واڻي غلط بياني ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اهڙن اينڪرن کي پاڻ کان پڇڻ گهرجي ته هو ڇا ڪري رهيا آهن.