اسلام آباد (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت نيب قانون ۾ ترميم کان پوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف خلاف 6 ريفرنس 7 سالن کان پوءِ نيب ڏانهن واپس اماڻي ڇڏيا،
جن ۾ ريشمان، گلف، سامونڊي، نئون ديرو، ڪارڪي ۽ ستيانه رينٽل پاور ريفرنس شامل آهن. احتساب عدالت اسلام آباد جي جج سيد اصغر علي ٻڌڻي ڪئي، عدالت چيو ته نيب قانون ۾ ترميم کان پوءِ رينٽل پاور ڪيسز جو ٽرائل نٿو ٿي سگهي. راجا پرويز اشرف 2000 ۾ پيپلز پارٽي جي اقتدار واري دور دوران ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ ڪرائي جي بجلي گهرن جو منصوبو پيش ڪيو هو. رينٽل پاور پراجيڪٽس ۾ وڏي پيماني تي ڪرپشن جون خبرون هيون ان حوالي سان راجا پرويز اشرف ۽ ٻين ماڻهن مٿان مختلف ريفرنس داخل ڪيا ويا هئا.هلندڙ سال جي آخر ۾ احتساب عدالت راجا پرويز اشرف، اڳوڻي سيڪريٽري شاهد رفيق ۽ طاهر بشارت چيمه خلاف نئون ديرو پاور پلانٽ ريفرنس کي ختم ڪري ڇڏيو هو.