حيدرآباد(بيورو رپورٽ) انڊس لا ڪاليج حيدرآباد جي ٽيم 13هون هنري ڊونينٽ موٽ ڪورٽ مقابلو کٽي ورتو آهي. ان ڏس ۾ ملڪي سطح تي ٿيل 13هين هنري ڊونينٽ موٽ ڪورٽ مقابلي ۾ انڊس لا ڪاليج حيدرآباد جي ٽيم ۾ فضيل حيدر چوهاڻ جي اڳواڻي ۾ فاطمه راجپوت، فريال ۽ رچنا مقابلي ۾ حصو ورتو ۽ پنهنجي نانءُ ڪيو. ان کان اڳ انڊس لا ڪاليج جي ٽيم 2017ع ۾ به اهو مقابلو کٽي چڪي آهي. ٽيم هاڻي ايشيا پيسفڪ رائونڊز ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي.