مٺي (رپورٽر) چيلهار ويجهو ڳوٺ جنجهيئر اسٽاپ وٽ حيدرآباد کان ايندڙ تيز رفتار مسافر اي سي ڪوچ واٽهڙو ڌنار 26 ورهين جي سوائي ميگهواڙ کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو، جڏهن ته ڪوچ ڪلٽي ٿي کائي ۾ ڪري پئي، نتيجي ۾ 4 مسافر معمولي زخمي ٿي پيا، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين ۽ ڌنار جو لاش چيلهار اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد نوجوان جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.