سعودي عرب جي 5 ارب ڊالرز جي امڪاني سيڙپڪاري سان پاڪستان کي وڏو آءِ ايم ايف پروگرام ملڻ جي اميد آمريڪا ۽ ٻيا دوست ملڪ به مدد لاءِ تيار، نئون آءِ ايم ايف پيڪيج ڏيارڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون
آءِ ايم ايف ذريعن پاران سعودي سيڙپڪاري پاڪستان جي پرڏيهي ادائگين ۾ مددگار قرار، ذريعن جو چوڻ آهي ته سعودي سيڙپڪاري سان پاڪستان تي ادائگين جو بار گهٽجي ويندو پر پاڪستان کي سڌارن جي عمل ۾ تيزي آڻڻي پوندي
آءِ ايم ايف پاڪستان کي ترقياتي رٿائن لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل تي عمل ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي