ميرپوربٺورو (ن پ ا) ديوان شگر ملز ٻڍو ٽالپر انتظاميا خلاف برطرف ملازمن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن پاران شگرمل جي مين گيٽ آڏو ٽينٽ لڳائي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي لطيف جسڪاڻي، ربڏنو جت، سجاد شورو، واحد پرھياڙ، منظور پليجو ۽ ٻين دانيهندي چيو ته ديوان شگر مل انتظاميا مقامي ماڻهن سان زياديتون ڪري رهي آهي، هنن چيو ته گذريل 6 مهينن کان مقامي ملازمن کي بنا جواز برطرف ڪري انهن جون پگهارون بند ڪيون ويون آهن، هنن چيو ته مل انتظاميا مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ بدران پنجاب سميت ٻين صوبن جي ماڻهن کي نوڪريون ڏئي حقن تي ڌاڙو هڻي رهي آهي، هنن چيو ته بيروزگاري سبب ملازم بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، جيستائين برطرف ٿيل ملازمن کي بحال نه ڪيو ويندو ڌرڻو جاري رهندو، ٻئي طرف شگر مل آڏو احتجاجي ڌرڻي سبب شگر مل جا سمورا گيٽ بند ٿيڻ سبب ملز انتظاميا سخت پريشان ٿي وئي، جنهن ڪري وڏي تعداد ۾ پوليس جا اٽالا ڌرڻي واري هنڌ مقرر ڪيا ويا، ھوڏانھن ديوان شگر ملز جي ڊپٽي جنرل مئنيجر بشير منگي ٻڌايو ته مل ۾ ڪم ڪندڙ 16 ملازمن کي انتظامي مامرن ۾ رخنو وجھڻ تي گذريل سيزن ۾ نوڪرين مان برطرف ڪيو ويو هو، ڪجهه ماڻهن جي وچم اچڻ تي کين بحال ڪري ڇڏيو هو پر انهن مان اڃا به ڪجهه ملازم سازشون پياڪن ان ڪري کين ٻيهر ھٽائي ڇڏيو آهي.