انيتا هسانندني عارضي طور شوبز کان پري ٿي وئي

0
451

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي فلم ۽ ٽي وي انڊسٽريءَ جي باصلاحيت اداڪارا انيتا هسانندني پٽ جي پيدائش کانپوءِ شوبز جي دنيا کان عارضي طور پري ٿي وئي.انيتا هسانندني ٽوئيٽر تي پنهنجي مداحن لاءِ پيغام شيئر ڪندي لکيو ته اداڪاري منهنجي پهرين محبت آهي ۽ مان سدائين لاءِ ان کان ڪنارا ڪشي اختيار نه پئي ڪريان، رڳو ايترو چونديس ته هن وقت منهنجي لاءِ سڀ کان وڌيڪ منهنجو پٽ ۽ ان جي پرورش آهي.هن چيو مان چاهيان ٿي ته پنهنجي پهرين ترجيح، پنهنجي پٽ تي ڌيان ڏيان، جڏهن مصروفيتون ٿوريون گهٽجي وينديون ۽ مون کي لڳندو ته هاڻ ڪم ڪري سگهان ٿي ته ٻيهر شوبز جوائن ڪنديس.