ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 56 ماڻهو فوت، هڪ هزار 239 نوان ڪيس ظاهر

0
249
پاڪستان ۾ ڪورونا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ڪورونا وگهي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 56 ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن بعدحياتيون وڃائيندڙن جو انگ 21 هزار 689 ٿي ويو، جڏهن ته وائرس جا هڪ هزار 239 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جنهن کانپوڳءِ متاثرن جو مجموعي انگ 9 لک 41 هزار 170 ٿي ويو، اين سي او سي موجب هيل تائين ڪورونا جا 8 لک 77 هزار 191 مريض وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي چڪا آهن، اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا ڪيسز جي مثبت شرح تقريبن 3.4 سيڪڙو رهي، ٻئي طرف ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڪورونا جي تمام گهٽ مثبت شرح ۽ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، صحت کاتي موجب اسلام آباد ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا مثبت ڪيسز جي شرح هڪ سيڪڙو رپورٽ ٿي آهي.