اليڪٽرانڪ مشين ذريعي چونڊون ڪرائڻ وارو قانون سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج

0
289
اليڪٽرانڪ مشين ذريعي چونڊون
اليڪٽرانڪ مشين ذريعي چونڊون ڪرائڻ وارو قانون سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج!!

اسلام آباد: اليڪترانڪ ووٽنگ مشين وسيلي چونڊون ڪرائڻ واري قانون کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي. ايڊووڪيٽ سليم الله خان آئين جي آرٽيڪل 184 (3) تحت درخواست داخل ڪئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته 17 نومبر جي اجلاس ۾ 33 بل منظور ڪيا ويا، پارليامينٽ ۾ منظور ٿيل بلن تي بحث نه ٿيو، تجويز ڪيل ترميم غير آئيني ۽ بدنيتي تي ٻڌل آهي، اي وي ايم ترميم ملڪ ۾ ڪرپشن جا دروازا کوليندي، اي وي ايم مان حڪمران پارٽي کي فائدو ٿيندو،  آئين ۾ ترميم اليڪشن ڪميشن جا اختيار گهٽائي ڇڏيا آهن، اوورسيز ووٽنگ ترميمي بل تي موقف واضح نه ڪيو ويو آهي. درخواست ۾ وفاقي حڪومت، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي سيڪريٽري کي ڌر بڻايو ويو آهي.