ڪراچي جي چڙيا گهر ۾ ناياب نسل جو اڇو شينهن مري ويو

0
359
ناياب نسل جو اڇو شينهن مري ويو
ڪراچي جي چڙيا گهر ۾ ناياب نسل جو اڇو شينهن مري ويو

ڪراچي: ڪراچي جي چڙيا گهر ۾ اڇو شينهن مري ويو آهي. ڪراچي بلديه جي ترجمان علي حسن ساجد جو چوڻ هو ته شينهن گذريل 13 ڏينهن کان بيمار هو ۽ علاج هيٺ هو. شينهن کي ٽي بي ٿي وئي هئي ۽ سندس ڦڦڙن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو. هن چيو ته شينهن جو پوسٽ مارٽم ڪيو پيو وڃي، سمورا سبب سامهون ايندا. ناياب نسل جي اڇي شينهن کي 2012ع ۾ آفريڪا مان ڪراچي جي چڙيا گهر ۾ آندو ويو هو. ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب شينهن جي موت بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي.