اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو

0
162

ڪراچي(م ڊ) وفاقي سرڪار اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ انٽر نيٽ ووٽنگ جا قانون موجود آهن.

ڄاڻايل بل ۾ هڪ ترميم ذريعي چونڊ فهرستون ٺاهڻ جو اختيار اليڪشن ڪميشن کان وٺي نادرا جي حوالي ڪرڻ جي به تجويز آهي.

هن حوالي سان صدر عارف علوي پاران قومي اسيمبلي جو اجلاس به اڄ طلب ڪيو ويو هو.