لاڙڪاڻي ۾ مڙس ھٿان زال قتل، لاش رکي ڌرڻو

0
573

لاڙڪاڻو(ن پ ا) لاڙڪاڻي ۾ مڙس هٿان قتل ٿيل عورت جو 3 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوسٽ مارٽم نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو هنيو ويو آهي.

گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان قتل ٿيل عورت ثريا پٺاڻ جي وارثن لاش جو پوسٽ مارٽم نه ڪرائڻ خلاف سول اسپتال روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ  معتل ٿي وئي.

مقتول عورت جي ڀاءُ سلطان ڪلهوڙو ٻڌايو ته منهنجي ڀيڻ کي سندس مڙس سجاد پٺاڻ صبح جي وقت اسان جي گهر ۾ گهڙي گوليون هڻي قتل ڪيو، لاش صبح کان اسپتال ۾ پيل آهي پر هن وقت تائين پوسٽ مارٽم ناهي ٿيو،  ڊاڪٽرن چون پيا ته پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر موڪل تي آهي.

هن چيو ته ٽي ڪلاڪ گذري ويا پر ڪوبه ڊاڪٽر پوسٽ مارٽم لاءِ ڪونه پهتو، جلد کان جلد پوسٽ مارٽم ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.