ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ۽ حبيب جمالي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  پاران افغانين کي نيڪالي ڏيڻ  ۽ پوليس ۽ رينجرز کي دهشتگردن خلاف ٽارگيٽڊ آپريشن تيز ڪرڻ جو حڪم، ان حوالي سان ڪالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي صدارت هيٺ امن امان جي حوالي سان وزيراعليٰ هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو،جنهن ۾ آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز سميت ٻين لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ پوليس اختيارين پاران اسٽريٽ ڪرائيم جي وارداتن، پوليس مقابلن  سميت  امن امان جي مجموعي صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. لاڳاپيل اختيارين چيو ته هلندڙ سال دهشتگردن ۽ اسٽريٽ ڪرمنلز سان 2258 مقابلا ڪيا ويا، جنهن دوران 1259 گينگ تباهه ڪيا ويا، 16612 ڏوهاري گرفتار ۽ 204 ڏوهاري مارجي ويا،  اجلاس۾ ڏوهارين جي چُرپُر روڪڻ لاءِ شهر ۽ صوبي جي اچ وڃ وارن رستن  جي نگراني سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، وڏي وزير ڪراچي پوليس کي هدايت ڪئي ته اسٽريٽ ڪرمنلز جي خاتمي لاءِ ڀرپور ڪارروايون شروع ڪيون وڃن،  15 ڏينهن اندر ٻيهر اجلاس سڏائي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو. اجلاس دوران لاڳاپيل اختيارين پاران نشاندهي ڪئي وئي ته ڪراچي ۾ مختلف غير قانوني مهاجر (افغاني) اچي رهيا آهن، جن کي هاڻي واپس ڪيو پيو وڃي، جنهن تي وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ غير قانوني مهاجرن جي آمد وارو معاملو وفاقي حڪومت آڏو اٿاريو ويندو ته جيئن کين سرحدن تي ئي روڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته پابندي پيل دهشتگرد تنظيمون ۽ اسٽريٽ ڪرمنل وڏا خطرا آهن، جن خلاف موثر ۽ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن شروع ڪيو وڃي. مراد علي شاهه چيو ته اسٽريٽ ڪرمنلز ڪراچي جي شهرين ۾ خوف پيدا ڪري ڇڏيو آهي، سندن انگ  ايترو گهڻو ناهي جو کين ختم نٿو ڪري سگهجي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ پابندي مڙهيل تنظيمون ايتريون مضبوط ناهن، پوءِ به سندن حرڪتن تي ڪڙي نظر رکي ويندي. وڏي وزير پوليس سميت سمورن انٽيليجنس ادارن وچ ۾ ويجهن رابطن تي زور ڏنو ته جيئن حساس معلومات تي ترت ڪارروائي ڪري سگهجي، وڏي وزير رينجرز ۽ پوليس کي آپريشن لاءِ گڏيل  حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت به ڪئي، جڏهن ته رينجرز کي پيٽرولنگ وڌائڻ جي هدايت ڪئي