لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب جي گورنر پرويز الاهي کي وزيراعليٰ جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو، پنجاب ڪابينا ختم به ختم ٿي وئي آهي،  پي ٽي آءِ  فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، گورنر  بليغ الرحمان خلاف ريفرنس صدر کي اماڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جڏهن ته پرويز الاهي جو چوڻ آهي ته بليغ الرحمان جي نوٽيفڪيشن جي ڪابه قانوني حيثيت ناهي،وڏو وزير آهيان، منهنجي ڪابينا به ڪم جاري رکندي، صبح جو عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندس، ڪوبه غير آئيني حڪم نه مڃيندس. تفصيل موجب رات دير سان پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان وڏي وزير پرويز الاهي کي عهدي تان هٽائي سندس ڪابينا کي به ختم ڪري ڇڏيو جنهن جو باضابطا نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پرويز الاهي کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ باصابطا خط اماڻيو ويو هو پر هو ڏنل وقت تي اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، انڪري هاڻي پنجاب جو وڏو وزير ناهي رهيو، سندس ڪابينا به ختم ٿي وئي آهي، نوٽيفڪيشن ۾ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر کي نئين قائد جي چونڊ لاءِ شيڊول جاري ڪرن جي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي،  نوٽيفڪيشن موجب نئين وزير اعليٰ جي چونڊ ٿيڻ تائين پرويز الاهي ڪم جاري رکندو، کيس پاليسي معاملن بابت فيصلن ڪرڻ ۽ حڪم جاري ڪرڻ جو ڪوبه اختيار حاصل نه هوندو رڳو روزاني معمول وارن معاملن کي گورنر جي مشاورت سان اڪلائي سگهندو جڏهن ته چيف سيڪريٽري جي هدايت تي ڪابينا ڊويزن پنجاب ڪابينا کي برطرف ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو، جنهن م ڄاڻايو ويو آهي ته وڏي وزير جي برطرفي بعد صوبائي ڪابينا به ختم ٿي وئي آهي، صوبي جو وهنوار هاڻي گورنر جي مشاورت سان هلايو ويندو. هوڏانهن پرويز الاهي پنهنجي جاري ڪيل بيان م چيو آهي ته گورنر مونکي غير قانوني طريقي سان هٽايو آهي ڇاڪاڻ ته جڏهن اسپيڪر اعتماد جي ووٽ وٺڻ لاءِ اجلاس ئي ناهي گهرايو  ته پوءِ آئون ڪيئن اعتماد جو ووٽ وٺندس انڪري گورنر جي نوتيفڪيشن جي ڪابه قانوني حيثيت ناهي هن چيو ته آئون صبح جو عدالت م پٽيشن داخل ڪارئيندس جنهن ۾ گورنر ۽ وفاقي حڪومت کي ڌر بڻائيندس. ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف گورنر جي نوٽيفڪيشن کي غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو آهي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته ان عمل کي  عدالت ۾ چيلينج ڪيو ويندو، هن چيو ته  بليغ الرحمان آئين جي خلاف ورزي ڪئي آهي، اڄ صبح نوٽيفڪيشن خلاف پٽيشن داخل ڪئي ويندي. هوڏانهن وزيراعظم جي صلاحڪار عطا تارر چيو آهي ته پي ٽي آءِ پاران گهرايل پارلياماني اجلاس ۾ رڳو 157 ميمبر موجود هئا ان مان ثابت ٿئي ٿو ته حڪومت اڪثريت وڃائي چڪي آهي، گورنر آئين تحت پرويز الاهي کي هٽايو آهي، ڀلي عدالت وڃڻ جو شوق پورو ڪري.