اسلام آباد (م ڊ) افغانستان ۾ ٻارن ذريعي ڪپڙو، سگريٽ ۽ ٻيون شيون سمگلنگ جو انڪشاف ٿيو آهي. سينيٽر عطاالرحمان جي صدارت هيٺ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ افغانستان مان ٻارن ذريعي ڪپڙي، سگريٽ ۽ ٻين شين جي سمگلنگ جو انڪشاف ٿيو. نيشنل لاجسٽڪ سيل اختيارين بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته افغان حڪومت چيو غربت سبب سمگلنگ نٿا روڪي سگهون، اين ايل سي عملو ننڍي عمر سبب ٻارن کي ڇڏي ڏيندو آهي. بريفنگ ۾ چيو ويو ته افغان حڪومت سان ڪيترائي ڀيرا معاملو اٿاري چڪا آهيون، ڪيترائي ٻار ٽرڪن هيٺان اچي مري ويندا آهن. ڪميٽي بارڊر تي مقامي واپار لاءِ مارڪيٽ ٺاهڻ جي تجويز ڏني، اين ايل سي اختيارين ٻڌايو ته ڪجهه سال اڳ افغانستان، ايران سان 18 بارڊر ٽريڊ مارڪيٽ جي تجويز ڏني هئي. اختيارين چيو ته 12 پاڪ افغان بارڊر ۽ 6 مارڪيٽون ايران بارڊر تي ٺهڻيون هيون، جنهن کانپوءِ ايران 3 مارڪيٽ قائم ڪيون پر افغانستان انڪار ڪري ڇڏيو. اهي مارڪيٽون مقامي شين جي واپار لاءِ هيون، بارڊر تي شين جي اسڪيننگ لاءِ اسڪينرن جي لاڳت 61 ڪروڙن کان هڪ ارب تائين آهي.