لاهور (م ڊ) مسلم ليگ نواز جي چيف آرگنائيزر مريم نواز ڊاڪٽرن طرفان عمران خان کي آرام ڏيڻ واري صلاح تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. شوڪت خانم اسپتال جي ميڊيڪل بورڊ عمران خان کي مڪمل آرام جي صلاح ڏيندي چيو آهي ته غير معمولي چرپر سبب عمران خان جي ڄنگهه جي سوڄ وڌي سگهي ٿي ۽ انفيڪشن جو خطرو آهي. ان حوالي سان ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو ته ”ڄنگهه تي دٻاءُ ريلي ۾ شرڪت ڪرڻ سان ناهي ايندو؟ يا رڳو عدالت ۾ پيش ٿيڻ سان ايندو آهي؟