بلغراد (م ڊ) يورپي ملڪ سربيا جي شهر بلغراد ۾ موجود هاءِ اسڪول ۾ هڪ شاگرد انڌا ڌند فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ سيڪيورٽي گارڊ ۽ ٽيچر سوڌو 9 شاگرد مارجي ويا. پرڏيهي خابرو اداري موجب سربيا جي راڄڌاني بلغراد جي هڪ اسڪول ۾ فائرنگ جو اهو واقعو پيش آيو جنهن ۾ 14 ورهين جي ڇوڪري انڌا ڌند فائرنگ ڪري 9 ڄڻن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو. فائرنگ جو اهو واقعو صبح جي وقت بلغراد جي شهر وراڪار ضلعي جي هڪ ايليمينٽري ضلعي جي اسڪول ۾ پيش آيو. بلغراد جي وراڪار ضلعي جي صدر ميلان نيڊلجڪو وچ ميڊيا کي ٻڌايو ته اسڪول جي سيڪيورٽي گارڊ امڪاني طور تي پاڻ کي حملو ڪندڙ اڳيان رکي وڌيڪ ماڻهن کي مارجڻ کان بچائي ورتو. هن چيو ته گارڊ سانحي کي روڪڻ چاهي پيو ۽ هو حملو ڪندڙ جو پهريون شڪار هو، سانحو اڃا به وڏو هجي ها جيڪڏهن گارڊ هٿياربند آڏو نه بيهي ها.