اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عورتن جي تعليم جي حوالي سان سرگرم پاڪستان ڄائي ملاله يوسفزئي سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري سان فون تي رابطو ڪيو آهي، جنهن دوران ڳالهائيندي ملاله يوسفزئي چيو ته افغانستان ۾ عورتن جي تعليم لاءِ پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪري، وزيراعظم پاڪستان کي افغانستان ۾ عورتن جي تعليم جي حوالي سان پاڪستان جي ڪردار بابت خط لکيو آهي، وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ هو ته پاڪستان افغانستان ۾ تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجو تعاون جاري رکندو، پاڪستان افغان پناهگير ٻارڙن کي تعليم جي سهولت فراهم ڪري رهيو آهي، 6 هزار جي قريب افغاني ٻارڙا پاڪستان ۾ زير تعليم آهن.