اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ چيو آهي ته ديوار تي لکيل هو ته افغان طالبان اچي رهيا آهن، سٺي ڳالهه اها ٿي آهي ته اشرف غني استعيفا ڏني آهي، کيس پهريان ئي استعيفا ڏيڻ گهرجي ها، جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو آهي ته 4 مهينا پهريان چيو هو ته طالبان کي ڪابل تي قبضو ڪندي ڏسي رهيو آهيان، پنهنجي ڪالمن ۾ به لکي چڪو آهيان ته طالبان آساني سان افغانستان تي قبضو ڪري وٺندا، اشرف غني جي حڪومت کي ڀارت پاڪستان خلاف استعمال ڪيو، افغانستان جي سرزمين کي استعمال ڪندي پاڪستان ۾ گهڻا ڌماڪا ڪيا ويا، افغاني سرحد تي فينسنگ سبب اڄ افغاني مهاجرن جي ٻوڏ کلي عام پاڪستان ۾ داخل نه ٿي سگهي، پاڪستان ۾ دهشتگردن جي دراندازي تي به قابو آندو ويو آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ داعش ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن سبب پاڪستان کي مسئلا درپيش ٿي سگهن ٿا، ڀارت ٽن کان وڌيڪ سي ون ٿري جهازن ۾ پنهنجي لاءِ ڪم ڪندڙ افغانين کي کڻي ويو آهي، ڀارت انهن افغانين کي طالبان حڪومت ۽ پاڪستان خلاف استعمال ڪندو، ڀارت پهريان ئي داعش لاءِ مختلف صوبن ۾ تربيتي مرڪز گاهه قائم ڪري چڪو آهي، اسان جي انٽيليجنس ادارن کي سرحدن تي پهرو سخت ڪرڻو پوندو، ڀارت موجوده صورتحال کي چين ۽ پاڪستان خلاف ڀرپور استعمال ڪندو، افغانستان ۾ پاڪستان جي سپهه سالار جنرل باجوا جي ڊاڪٽرائن کٽي وئي آهي ۽ مودي هاري ويو آهي، مودي لاءِ هڪ سبق آهي ته ڪنهن کي ايترو مجبور نه ڪري جو اهو اٿي جواب ڏئي.