افغانستان ۾ تشدد کي روڪڻ ۽ طالبان جي چرپر محدود ڪرڻ لاءِ 31 صوبن ۾ ڪرفيو لاڳو

0
310
طالبان طرفان شهرن تي حملن کي

ڪراچي(م ڊ) طالبان طرفان شهرن تي حملن کي روڪڻ لاءِ افغان حڪومت ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۽ ٻين صوبن کان علاوه رات جو 10 وڳي کان صبح 4 وڳي تائين ڪنهن به چر پر جي اجازت نه هوندي، پرڏيهي خابرو اداري جو چوڻ آهي ته طالبان ۽ افغان حڪومتي فوج جي وچ ۾ ٻن مهينن جي دوران بين الاقوامي فوج جي ملڪ کان نڪرڻ کانپوءِ جنگ وڌي وئي ۽ هڪ اندازي موجب عسڪريت پسند گروپ اڌ حصي تي قبضو ڪري ورتو آهي.
افغان پرڏيهي خاتي جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته تشدد کي روڪڻ ۽ طالبان جي چر پر محدود ڪرڻ جي لاءِ 31 صوبن ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪابل، پنجشير ۽ ننگر هار کي ڇوٽ حاصل آهي، پرڏيهي خابرو اداري جو چوڻ آهي ته طالبان جي اڳڀرائي جي دوران قنڌار شهر جي ڪجهه علائقن ۾ شديد چڪريون ٿيون آهن، ان جي جواب ۾ امريڪا خميس تي انهن علائقن ۾ عسڪريت پسندن جي ٺڪاڻن تي فضائي حملا ڪيا، افغانستان ۾ آمريڪي ڪارروايون جو باضابطه طور 31 آگسٽ تي بند ٿيڻو آهي، ان ڪري ايندڙ مهينن ۾ خدشا آهن ته وڌيڪ حملا تيز ٿي سگهن ٿا.