نواز ليگ جِي نائب صدر مريم نواز طرفان آزاد ڪشمير ۾ منظم ڌانڌلي جو الزام

0
282
نواز ليگ نائب صدر مريم نواز

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) نواز ليگ جِي نائب صدر مريم نواز طرفان آزاد ڪشمير ۾ منظم ڌانڌلي جو الزام ھنيو ويو آھي، ٽوئٽ بيان ۾ مريم نواز چيو آهي ته ايل اي 32 چڪار جي هڪ پولنگ اسٽيشن ۾ پولنگ ايجنٽس کي ٻاهر ڪڍي ٺپا هنيا پيا وڃن، وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اڄوڪي اليڪشن عمران خان جي نئين ڪشمير جي نانءُ، آزاد ڪشمير ۾ چونڊون والاريل ڪشمير جي ماڻهن کي حوصلو ڏينديون آهن: پيپلز پارٽي اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته آزاد ڪشمير چونڊن ۾ منظم طريقي سان ڌانڌلي ٿي رهي آهي، ڪوٽلي ۾ پيپلز پارٽي جَي اميدوار چوڌري ياسين جي گاڏي تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن فائرنگ ڪئي، ڪيترن ئي پولنگ اسٽيشنز جي ووٽر فهرست ۾ واضح فرق آهي.