نور مقدم ڪيس: پٽ جي ڏوھ ۾ شريڪ ناھيون، ڪيس جي پيروي نه ڪنداسين: ظاھر جعفر والدين

0
559

اسلام آباد (بيورو رپورٽ ) اڳوڻي سفارتڪار جي ڌيءَ نور مقدم جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ظاھر جعفر جي والدين جو چوڻ آھي تھ پٽ جي ڏوھ ۾ نھ گڏ آھيون ۽ نھ ئي ڪيس جي پيروي ڪندسين، ٽي وي پروگرام ۾ جوابدار ظاھر جعفر جي والدين جي وڪيل رضوان عباسي ايڊووڪيٽ جو چوڻ ھو تھ جوابدار جا والدين مقتول ناري نور مقدم جي وارثن سان گڏ آھن ۽ ھن ڪيس ۾ انصاف چاھن ٿا، رضوان عباسي ٻڌايو تھ ظاھر جعفر جي والد ذاڪر جعفر ۽ والدا عصمت آدم پنھنجي پٽ جي ڪنھن ڏوھ ۾ گڏ ناھن، رضوان عباسي ٻڌايو تھ جوابدار ظاھر جعفر جي والدين نور مقدم جي قتل جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آھي.