اشو آف دي ڊي … يا ته انقلاب اچي چڪو يا ڪجهه خراب ٿيڻ وارو آهي: عمران جي گرفتاري ۽ هنگامن تي تبصرا

0
138

 پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ واري صورتحال تي سوشل ميڊيا تي بحث جو سلسلو جاري رهيو، عمران خان جي گرفتاري کي غلط عمل قرار ڏنو ويو،سوشل ميڊيا تي گرفتاري ۽ هنگامن بابت تبصرا ڪيا ويا ته يا ته انقلاب اچي چڪو يا ڪجهه خراب ٿيڻ وارو آهي، عمران خان جي ويل چيئر به بحث هيٺ رهي. ان حوالي سان  ان حوالي سان فرحان خان تنيو لکيو ته بهرحال پنجاب وارن پهريون ڀيرو پنهنجي ڪنهن ليڊر سان حقيقي معنيٰ ۾ نڀائي ڏيکاريو آهي، جاويد چانڊيو لکيو ته جيڪڏهن حساس ادارن جي هائوسز تي سنڌي ۽ بلوچ حملا ڪن ها ته هي قيامت آڻي ڇڏن ها، نثار ٻرڙو پوسٽ شيئر ڪئي ته ڇا ملڪ تي پي ٽي آئي جو قبضو ٿي ويندو؟ يا پي ٽي آئي مارشل لا لڳرائڻ چاھي ٿي ؟ اعجاز علي سومرو لکيو ته ٻنهي جي جهيڙي ۾ عوام پيو مري، فيض محمد ٻرڙو لکيو ته ڪالعدم تنظيم جو نالو ڏئي پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائي ويندي… ماڻھو ساڳيا ٻي پارٽي سان نظر ايندا. وڌيڪ جيئن سنگت جي صلاح، گلشي اوڏ لکيو ته بنھی ڳالھین جو ھن وقت جی صورتحال سان واسطو ڪونهي، انور تنيو لکيو ته پي ٽي آئي کي ڪالعدم ڪيو وڃي ھي دھشتگرد آھن ملڪ کي نقصان پھچائيندا، نقاش خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عمران خان جي گرفتاري کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو ؟ پنهنجي راء کان آگاھ ڪيو، کيس گرفتاري قانوني يا غير قاني طور ٿي’ صحيح ڪيو ويو يا غلط ڪيو ويو، شڪيل نياز خاصخيلي لکيو ته عمران خان جي گرفتاري قانون کان هٽي ڪري ڪئي وئي آهي جنهن جو عدالت پڻ نوٽيس ورتو آهي ملڪي صورتحال تي تمام گهڻو اثر پوندو اڳي جيان وري احتجاجي تحريڪ شروع ٿي سگهي ٿي، مرتضيٰ شام لکيو ته سياسي اختلاف پنھنجي جڳھ تي ! ڪورٽ جي احاطي مان ائين گرفتاري غلط عمل آھي، امتياز ڪورائي لکيو ته طريقيڪار غلط هو ان جا نتيجا خراب نڪرندا، زاهد خاصخيلي لکيو ته جيڪو  ٿيو سٺو ٿيو، راشد رولاڪ لکيو ته عمران جلد آزاد ٿي ويندو، فقير محمد اويس لکيو ته ملڪ جا حالات خراب ٿيندا ملڪ کي نقصان ٿيندو باقي گرفتاري غير قانوني آھي، غلام اڪبر لکيو ته ڀلو ڪم ٿيو، اعجاز علي لکيو ته ڪورٽ جي احاطي مان گرفتاري غلط عمل آهي، گرفتاري جا نتيجا تمام خطرناڪ نڪرندا ملڪي سالميت لاءِ پر هي ويڙھ پي ٽي آئي ۽ پي ڊي ايم جي نه پر هي ويڙھ خلائي مخلوق ۾ ٻه گروپن جي آهي عمران خان هڪ ٻه ڏينهن ۾ آزاد ٿي ويندو، مير آصف لکيو ته سياسي اختلاف پنھنجي جڳھ تي ،پر گرفتاري طرز عمل مذمت ڪيون ٿا ،سياسي حڪومت جي غلطي آهي ،راجا مستوئي لکيو ته اھڙيون ڪاروايون ملڪ ۾ پھريان به ٿيون آهن نيازي سرڪار ۾ خود اھڙا ڪيترا واقعا سياسي قيادتن خلاف ٿيا آھن نيازي جي خلاف ڪارروائي ٿي ته ڪھڙو آسمان ڪري پيو،فضل شر لکيو ته ڪجهه به ناهي اهو هڪ معاهدو هو جيڪو پورو ڪيو ويو آهي ملڪ جون حالتون معمول موجب ٿي وينديون ڪجهه ڪلاڪن ۾ اگر ضرورت پئي ته همراهه اچي وقتي طور ڏنڊا هڻندا ۽ سڀ چپ ٿي ويندو ۽ ضمانتون ڪرائڻ ۾ صروف ٿي ويندا، مصطفيٰ لغاري لکيو ته عدالتي احاطي مان گرفتاري غلط آهي، جئرام صاحب لکيو ته ڪجهه به چئو پر عمران خان مقبول ٿيندو،محمد دلبر لغاري لکيو ته غيرقانوني گرفتاري آهي، هادي بخش خاصخيلي لکيو ته جنهن جو ماڻهو انهن واپس ورتو. جي اين کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جيتوڻيڪ عمران خان جي ايجنڊا ۾ سنڌي قوم جا بنيادي مسئلا ناهن پر پوءِ به جنهن انداز سان گرفتار ڪيو ويو آهي اهو عمل مذمت جوڳو آهي. روبينه ڀٽي، ممتاز علي خاصخيلي، وقار احمد، هاشم پليجو به گرفتاري جي مخالفت ڪئي، نعيم اختر لکيو ته سنڌ جا ليڊر سدائين ايئن ئي گرفتار ٿيندا رھيا آھن بلڪه انھن کي سدائين شھيد ڪيو ويو آهي باقيءَ عمران نيازيءَ گرفتار ٿيو ته قيامت اچي ويئي،  برڪت نوناري پوسٽ شيئر ڪئي ته پاڪستاني تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو آهي جو لٺيون هڻندڙ به پنجابي آهن ته لٺيون کائيندڙ به پنجابي آهن. ارشد عزيز ميمڻ پوسٽ شيئر ڪئي ته ‏سنڌيو ماٺ ڪري مزو ڏسو , جيڪو پاڻ سالن کان لوڙيو آھي اھو ھاڻي پنجابي پاڻ ۾ وڙھي لوڙين، شبير پياڪ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته توهان مان ضياء الحق جو دور ۽ ان کان پوءِ ايم ڪيو ايم جي دهشت جو دور ڪنھن ڏٺو آهي؟ ان عرصي دوران ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪير ڪير رهيا آهن؟ جنهن تي ذوالفقار واهوچو لکيو ته مان هيس، شبير سومرو لکيو ته آئون فيملي سميت 1984کان ڪراچي ۾ آهيان، شبير شر لکيو ته ضياء جو سڄو دور جيل ۾ ھئا سين آزاد ٿيڻ کان پوءِ ھر فرنٽ تي ايم ڪيو ايم جي دھشتگردي جو مقابلو ڪيو سين.  اشرف ڪنڀر لکيو ته ايم ڪيو ايم جي دور ۾ آئون ڪراچي رهندو هئس، شڪيل ڪنڀر لکيو ته حيدرآباد ۾ ڪرفيو لڳل ھوندو ھيو، ڪراچي حيدرآباد بلڪه ھر شھر ۾ انھي تنظيم جي بربريت ۽ فساد جاري ھئا. ماڻھن ۾ خدا جو ايترو خوف نه ھيو ، جيترو ھِن ماڻھو مار تنظيم جو خوف ھيو. ۽ انھن ئي سالن ۾ ٻھراڙين ۾ نامي گرامي ڌاڙيلن جو زور ھوندو ھو. مهدي حافظ پنهور لکيو ته پئدائش کان وٺي 1985 کان 2000 تائين گاڏي کاتو حيدرآباد ڏٺو ، 2000 کان وٺي هيستائين اورنگي ٽائون ، لالوکيت سميت مختلف ايرياز ڪراچي جا ڏٺا آهن. فتاح دائودپوٽو لکيو ته سڀ اکين سان ڏٺو سين. الاهي ايچ ايم لکيو ته الحمد الله آئون ڪراچي ۾ ھيس پر جناح ڪيپ پائي سيف رھيس، لالا رحمان کيو ته اسين ته پئدا ئي حيدرآباد ۾ ٿيا آھيون، عرفان پياڪ لکيو ته مشرف دور جو ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم راڄ پاڻ اکئين ڏٺو آهي. محمد اسلم پوسٽ شيئر ڪئي ته بس ويھي مزو ڏسو، پنجابين جو پاڻ ۾ جھيڙو آھي پھريون دفعو پاڻ ۾ اٽڪيا آھن … عزيز راج پوسٽ شيئر ڪئي ته وڳوڙي ڪڏھن به انقلابي نٿا ٿي سگھن، اھو اسان کي به سمجھڻ گھرجي، حبيب جمالي پوسٽ شيئر ڪئي ته ملڪ ۾ ڪٿي به عوامي رد عمل ناهي، ڏنڊا بردار جٿا آهن 20 ڏنڊا بردار ساڻ ڪري ڪير به ڪنهن به وقت حالتون خراب ڪري سگهي ٿو، جاويد اقبال لاڙڪ پوسٽ شيئر ڪئي ته ٽويٽر تي هن وقت مشهور ٽرينڊ آهن: “پاکستان بند کر دو۔” “نکلو GHQ کي طرف”۔ ۽ پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ انٽرنيٽ سروسز ۽ بعض جاين تي سوشل ميڊيا ايپليڪيشنس ۽ ويبسائيٽس بند آهن. ظهور بوزدار پوسٽ شيئر ڪئي ته عمران خان عدالت ۾ چيو آهي ته هي انجيڪشن لڳائيندا آهن جنهن سان ماڻهو آهستي آهستي مري ويندو آهي، قمر نواب ڪانڌڙو پوسٽ شيئر ڪئي ته عمران خان جي گرفتاري بعد وڳوڙ، پنجاب ۽ خيبر پختون خوا فوج حوالي ٿي ويو، نديم جان مهر پوسٽ شيئر ڪئي ته پنجاب حڪومت فوج کي طلب ڪري ورتو. منظور چانڊيو پوسٽ شيئر ڪئي ته رشوت ڏيڻ ۽ وٺڻ حرام آھي. 50 ارب رپيا رشوت وٺڻ جي الزام ۾ خان کي ته کنڀيو ويو آھي پر ڏيڻ واري ملڪ رياض تي ھٿ ھلڪو آھي. ڇو؟ زاهد شيخ پوسٽ شيئر ڪئي ته عمران خان کي گرفتار ڪرڻ ڪو سٺو عمل ناھي اگر انتقامي طور تي سياسي پارٽين پاران ھڪ ٻي جي ليڊرن کي گرفتار ڪرڻ جي اھا روايت ايئن قائم رهي ته ملڪ جو خدا ئي حافظ ٿيندو.