رتيديري جي رت روئيندڙ نياڻي!‎‎

او سنڌ جي ڏکويل نياڻي اسين سنڌ واسي جيڪي تنھنجي لڄ ۽ لوئي جا محافظ ھئاسين اڄ توکان شرمندا آھيون، اڄ تنھنجي درد ۽ پيڙاءَ جي آڏو انسانيت جو ڪنڌ ھيٺ جھيڪل آھي. توکي ھتان انصاف ڪٿان ملندو جتي ظالم راڄ ۽ راڪاس واڳون وارو وات کولي ويٺو آھي؟ او غريب ۽ اٻوجھ ڀيڻ ھتي وحشت جي بازار گرم آھي، ھتان جا حڪمران تنھنجي داد رسي ڪٿان ڪندا جن کي تنھنجون رڙيون ٻڌڻ ۾ نٿيون اچن! او معصوم، پاڪ دامن ۽ بيڏوھ راڻي! تنھنجو ڏوھ ته اھو به آھي ته تون ان مٽي مان ڳوھيل آھين جنھن جي عظمت جا ايوانن ۾ قسم ته کڄن ٿا پر ان جي ممتا جو احساس ڪنھن ڪنھن وٽ آھي. ڪاش جيڪا تڪليف توکي پھتي آھي ان کان به وڌيڪ اذيت ان وحشي بدنسل خونخوار کي پهچي. ڪاش تنھنجي درد جو احساس حڪمرانن، وڏيرن، ڪامورن ۽ سنڌ جي ظالم شاھي خاندان جي نياڻين کي ئي ٿئي، جن کي پنجاب جي زينب جو احساس ھو پر تون سنڌ جيان انھن کان وسري ويل آھين. تون ته ھن خواب ڏسندڙ ۽ تنھنجي درد ڪٿا ٻڌندڙ قوم کان به وسري وئي آھين، جيڪي ھن وقت پنھنجي خوشين ۽ راڳ رنگن ۾ مست ۽ مگن آھن. ھتي سماجي برائي کي برائي تصور ڪرڻ بجاءِ جديد تھذيبي رنگ ڏنو پيو وڃي. جتي نياڻي کي صرف غلط نگاھ سان ئي ڏٺو ۽ پرکيو ٿو وڃي. جتي پڙھيل لکيل ۽ باشعور طبقو به حوس جي اُڃ اُجھائڻ ۽ اھڙين غلط ڪارين ۾ ٻڏندو پيو وڃي، جن آڏو تنھنجون دانھون عام معمول سمجھي نظرانداز ڪيو ويو آھي. ڪاش تنھنجون ڌرتي ڌوڏيندڙ ۽ عرش لوڏيندڙ رڙيون ڪٺور دل قوم کي ميڻ ڪري وجھن. من ڪو مسيحا اچي تنھنجي داد رسي ڪري، من ڪو عادل پنھنجي اختيار موجب تنھنجو پاڻمرادو فريادي ٿئي. ھا جي اڄ توکي انصاف نه مليو ته خوف آھي ته شايد وري ڪا ٻي نياڻي اهڙن جنسي بگھڙن جو شڪار ٿي وڃي.

احسان مھر/سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو

سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي ۽ کنڊر بڻجي ويل اسڪول!

ميھڙ ۾ ٻوڏ کان پوءِ اسڪول جي مرمت توڙي بحاليءَ وارو ڪم شروع ناھي ٿيو، اڪثر اسڪولن ۾ ٻوڏ جي پاڻي تباھي مچائي ڇڏي آھي پر ٻوڏ کان پوءِ به اسڪولن جي مرمت توڙي بحالي وارو ڪم شروع ناھي ٿيو. تعليم کاتي توڙي سنڌ سرڪار پاران تعليمي ايمرجنسيءَ جي پت وائکي ٿي وئي آھي. ميھڙ جي اڪثر اسڪولن جون عمارتون ڪمزور تي ويون آهن، ٻوڏ جي پاڻي سبب اسڪولن جون عمارت ڪمزور ۽ چوديواريون ڊھي پٽ پئجي ويون آھن، ميھڙ ڀرسان ڳوٺ ميانداد چانڊيو جو پرائمري اسڪول بنيادي سھولتن کان محروم آھي. اسڪول پيئڻ جي مٺي پاڻي، واش روم توڙي ٻين سھولتن کان محروم آھي. اسڪول ۾ فرينچر نه هجڻ ڪري ٻارڙا پٽ ته ويهي تعليم پرائڻ ته مجبور آھن. ھوڏانھن ٻوڏ متاثر ڳوٺ چارو جي پرائمري اسڪول ۾ بلڊنگ نه هجڻ سبب ٻارڙا کليل آسمان هيٺ تعليم پرائڻ تي مجبور آھن. ڳوٺ ميانداد چانڊيو اسڪولن جي سالن کان مرمت به ناھي ٿي سگھي آهي، اسڪولي عمارت زبون حال بڻيل آھي ۽ اسڪول ۾ فرنيچر جي سخت کوٽ آهي، اسڪول جا شاگرد پٽ تي ويهي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. ڳوٺ جي پرائمري اسڪول جي چئو ديواري ٽٽل آھي، پيئڻ جي پاڻي جي ڪا به سھولت موجود ناھي. ڪيترن ئي سالن کان اسڪول جي تعمير ۽ مرمت نه ٿيڻ سبب اسڪول جي عمارت زبون حال ٿي وئي آھي، جنھن سبب اسڪول ۾ پڙھندڙ ٻارڙن جون زندگيون داءَ تي لڳل آھن. اسڪول ۾ ٻارن کي ويھڻ لاءِ فرنيچر جي سخت کوٽ آھي. سرڪار کان اپيل آهي ته ميھڙ تعلقي ۾ تباھ حال بڻجي ويل اسڪولن جي مرمت ڪرائي اسڪولن کي کٽل سھولتون مهيا ڪيون وڃن.

صابر ڪولاچي/ ميھڙ

ڪاپي ڪلچر جو خاتمو ڪيئن ممڪن آهي؟

جي ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ بنيادي تعليم جو ٻيڙو ته پھريان کان ئي ٻڏل آھي، ڪيترائي اسڪول وڏيرن جا واڙا ۽ اوطاقون بڻيل آهن، ڪيترن ئي اسڪولن کي سالن کان تالا لڳل آھن، اھا ڳالھ ڪنھن کان لڪل ڍڪيل ته ڪونھي پر ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ ڪاپي ڪلچر وارو رواج ته سالن کان هلندو پيو اچي، جيڪو سنڌ جي نوجوانن لاءِ گھڻو نقصانڪار آهي. اڄ ڪلھ سوشل ميڊيا تي ڪاپي ڪلچر خلاف ٽريند ھلي رھيو آھي ته ڪاپي ڪلچر ختم ٿيڻ گھرجي پر ان جو خاتمو تڏھن ممڪن آهي جڏھن اسان جي شاگردن کي شروعات کان ئي معياري تعليم ملندي. اسان جي ٻار جو بنياد سٺو ناھي ھوندو، اسان کي پرائمري سطح کان سڌارو آڻڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته شاگرد جڏھن ڪجھ پڙھيو ئي ناھي ۽ ڪجھ سکيو ئي ناھي ته اھو ساليانا امتحان ڪيئن ڏيندو؟ باقي ٻي صورت ۾ ڪاپي ڪرڻ انھن جي مجبوري بڻيل آهي.

ثقلين حيدر/رتوديرو

حڪومت کي سنڌ جي تعليم جي پارت!‎‎

جيئن ته اسان وٽ ڪاپي ڪلچر جو نظام عام جام آهي ۽ حڪومت جو نقصان ۽ انهن نقصان ۾ اسان جا بهترين استاد صاحبان جو بلڪل هٿ به ناهي ته اسان جو نظام پهرين ڏينهنن کان بهتر آهي ڇا؟ هن سال ۾ ٿوري تبديلي جو اعلان حڪومت ڪيو ته اسان کي تمام خوشي ٿي، انشاءُالله اسان جي ملڪ مان ڪاپي ڪلچر ختم ٿيڻ وارو آهي پر شايد اها اسان کي سوڀ حاصل نه ٿئي پر اسان کي تمام ڏک آهي ته پاڪستان جا حڪومت اسان جي تعليم تي ڪيترو خرچ ٿا ڪن، ان ۾ مثال وٺو ٿا ته ڪتاب ڪروڙين اربين رپين جا ڇاپيان وڃن ٿا، استادن کي پگهارو اربين کربين رپين جون ڏنيون ٿيون وڃن هر ٻار تي حڪومت خرچ ڪري ٿي، اسڪولن جون عمارتون ٺهن ٿيون، سينٽر تيار ٿين ٿا، ڇا؟ اهو فري ۾ ٺهن ٿا؟ ڇا انهن تي اربين کربين رپيا خرچ ٿين ٿا؟ ان جو نتيجو ڇا ٿو نڪري؟ ان جو نتيجو ڪاپي ڪلچر جي صورت ۾ ٿو نڪري ۽ پوءِ اربين ڪروڙين رپين جا نقصان ٿين ٿا. ان سان گڏ بهترين عمل اهو آهي ته ڪاپي ڪلچر ختم ڪيو وڃي، جي حڪومت هڪ سال ڪاپي ڪلچر اسڪولن کان آئوٽ ڪري ته اسان جي تعليم جو نقصان ڇو ٿئي؟ اسان جي حڪومت جو به نقصان ڇو ٿئي؟ توهان پنهنجا فيصلا پاڻ ڪريو ته بهتر ٿيندو.

حبدار علي ڪٻر/سانگھڙ

سلام تي تنقيد

ڪندڙ قومون!‎‎

اسان جي سماج ۾ بي سبب تنقيد ڪرڻ عام جام ٿي ويو آهي، بس اسان جو سماج موقعو ملڻ جي ڳولا ۾ هوندو آهي ته ڪنھن جي عزت تين وال ڪئين ڪجي! خاص ڪري اسان وٽ جڏهن کان سوشل ميڊيا بي لغام ٿيو آهي تڏهن کان بس هر ڪنهن کي ڄڻ ڇوٽ ملي وئي آهي نه ننڍ وڏائي نه نياڻي جي عزت جو خيال، بس ڇڪ ڇڪان. بنا تصديق جي پوسٽون پيا شيئر ڪندا، عجيب مخلوق ٿي ويا آھيون، تازو ئي ڀارت ۾ انٽرنيشنل ڪانفرنس هئي جنهن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ بلاول ڀٽو زرداري به ويو، جنهن پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪئي ته پاڪستان جي نمائندگي بهتر نموني سان ڪجي ۽ ڪافي حد تائين بهتر نمائندگي ڪئي به ۽ ڀارتي ميڊيا جي تيز ۽ تکن سوالن جا جواب پڻ خوش اسلوبي سان ڏنائين. جڏهن اسان جي ۽ ڀارت جي ڇٽل ڪارتوس عوام کي ڪو خاص اشو نه مليو تڏهن وڃي بلاول جي سلام ڪرڻ واري انداز تي تنقيد ڪرڻ شروع ڪيائون ته بلاول ڀٽو زرداري هٿ ملائڻ بدران نمسڪار ڇو ڪيو؟! ان ڳالھ جو بلاول ڀٽو زرداري پاڻ جواب ڏنو ته سنڌ جي اها ئي سلام ڪرڻ جي ريت ۽ رواج آهي يعني ٻئي هٿ ٻڌي سلام ڪرڻ اسان جي پرم پرا آهي، اسان جي ثقافت آهي، باقي جيڪو رنگ ڏي ڇو ته اسان ڪنھن جا چپ سڀي نٿا سگهون. عجيب مخلوق کي مسئلو کپي باقي ملڪ جو خيرخواھ ڪير هجي ها ته اهو چوي ها ته خدا ڪري اسان جي پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا قائم ٿين جيئن ملڪي معيشت سڌري ۽ ملڪي معيشت سڌرڻ سان ملڪ خوشحالي طرف وڌندو پر نه اسان جي ۽ ڀارت جي عوام کي رڳو شوشو گهرجي، جيڪو شرم جوڳو عمل آهي. خدارا کوکلا اشو ڇڏيو ته سلام ڪيو يا نمسڪار ڪيو، ڪو فرق نه پوندو، اچو ته انهن کوکلن اشوز مان جند ڇڏائي ملڪ جو سوچيون.

دليپ آزاد/ عمرڪوٽ

ايڪسٽرنل جي ڊيوٽي سينارٽي بجاءِ روٽيشنل پاليسيءَ تي ملڻ گھرجي!

2014ع ۾ جڏھن آئون ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيس ڊيوٽي جي پھرين ئي سال ۾ ٿيندڙ سالياني امتحان دوران جڏھن آئون ھڪ ٻئي سينيئر سان گڏ امتحاني سينٽر تي انويجيليٽر طور پنھنجا فرض ادا ڪري رھيو ھئس ته اتي ٿوري دير ۾ ھڪ پروفيسر آيو، جنھن کي ايڪسٽرنل جو بيج لڳل ھو، پاڻ شاگردن جون سلپون وغيرہ چيڪ ڪري رھيو ھو، سندس وڃڻ کان پوءِ آئون پنھنجي ان سينيئر دوست کان پڇيو ته امتحانن ۾ ايڪسٽرنل ڪيئن مقرر ٿيندا آھن، ڇاڪاڻ ته مون کي ھن بابت پھريان ڄاڻ بلڪل به نه ھئي. پھريان ته منھنجي سينيئر منھنجي سوال کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو، جڏھن آئون کائنس ساڳيو ئي سوال ٻيھر پڇيو تڏھن چيائين ته ڇڏ يار! اھي سور ئي نه پڇ، چيومانس ته پوءِ به سر ڪجھ ته ٻڌايو! منھنجي گھڻي اسرار بعد چيائين ته اسان جي ڪاليجي استادن جي ھڪ تنظيم ٺھيل آھي، جنھن جو نالو آھي سپلا (سنڌ پروفيسرس اينڊ ليڪچرر ايسوسئيشن) تنظيم جي پاليسي موجب سينارٽيءَ جي بنياد تي ڪاليجي استاد ايڪسٽرنل ٿيندا آھن، مون کي نوڪري ڪندي 12ھون سال پيو ھلي پر آئون سندن نظر ۾ اڃا جونيئر آھيان، سر اوھين اڃا تائين جونيئر مون حيرت وچان چيو، ھا بلڪل پر چئي پاڻ خاموش ٿي ويو، ڪجھ دير کان پوءِ وري پنھنجي ڳالھ کي جاري رکندي چيائين ته جيڪڏھن مون کي ليڪچرر ھوندي ايڪسٽرنل ٿيڻ جو موقعو مليو ته واہه، نه ته ھل پڄان وارو ڪم ۽ اڃا ٻڌ ته توکي ٻڌايان، دوست جيڪڏھن آئون ليڪچرر مان اسسٽنٽ پروفيسر طور ترقي ماڻي ته وري آئون جونيئر ٿي ويندس، جونيئر؟ آئون حيرت وچان پڇيو، ھا! بلڪل جونيئر، ۽ پوءِ وري ھل پڄان وارو سلسلو ٻيھر شروع ٿيندو، جيڪڏھن منھنجي نصيب ۾ ايڪسٽرنل واري ڊيوٽي ھوندي ته ملندي نه ته ڏکيو آ، سر پوءِ اھا ته وڏي ناانصافي آھي، مون کيس چيو، بس سر ڇا ڪجي؟ اوھين اڃا نوان آھيو، ڊپارٽمينٽ ۾ رھي آھستي آھستي سڀ ڪجھ سمجھي ويندا. اڄ کان لڳ ڀڳ 09 سال اڳ سندس چيل لفظ واقعي به سچا ثابت ٿيا جو مون کي نوڪري ڪندي 10ھون سال ھلي پيو پر آئون ھڪ ڀيرو به ڪٿي ايڪسٽرنل مقرر نه ٿيو آھيان. منھنجي سپلا جي مرڪزي صدر، جنرل سيڪريٽري ۽ سکر ريجن جي صدر کي مودباڻي گذارش آھي ته بورڊ اندر ڪاليجي استادن جون ڊيوٽيون سينارٽيءَ بجاءِ روٽيشنل پاليسي موجب لڳرايون وڃن جيئن حيدرآباد ريجن ۾ لڳن پيون ته جيئن سڀني کي پنھنجي واري سان ايڪسٽرنل شپ جو موقعو ملي ۽ سندن اندر پيدا ٿيل بيچيني ختم ٿئي.

ستار سنڌي/ ڪنب

ملڪ مان ناياب پکي اڻلڀ ٿي ويا!‎‎

رب سائينءَ انسان جي ڀلي لاءِ لاتعداد ۽ بيشمار نعمتون عطا ڪيون آهن، انهن نعمتن ۾ پکي به شامل آهن، پيارا پکي سنسار جي سونهن ۽ امن جو نشان هوندا آهن، ڪنهن دور ۾ اهي پکي انسانن جون چٺيون پهچائڻ جا ذريعا بڻيل هئا، ھونئن ته پکي ۽ انسان دوست هئا پر هاڻ انسان پکين جو دشمن ٿي پيو آھي. اڳي انسان پکين جون ٻوليون سمجهندا هئا ۽ هڪ ٻي سان ڳالهائيندا به هئا پر هاڻ اهو ساڳي انسان جهرڪي جي چِر، چِر به برداشت نٿو ڪري، انسان وڻ وڍي پکين جا گهر ڊاهي پنهنجا گهر ٺاهي ڇڏيا، جھنگ ختم ڪري وڏيون عمارتون ٺاهي ڇڏيون، باغن مان نڪري موبائيل ۾ مصروف ٿي ويا آھن پر اهي موبائيل به پکين جي اڻلڀ ٿيڻ جا ڪارڻ به آهن. موبائيل سگنلن جي ڪري پکي پنهنجي گهر جو رستو ڀلجي ويندا آهن ۽ ڀٽڪي ويندا آھن. وڏو آواز ايڪو سائونڊ پکين لاءِ موت جو سبب بڻجي ٿو، هندوئن جي عيد ديوالي ۾ ڦٽاڪن جي ڪري پکي ويچارا آکيرن ۾ مري ويندا آھن، سنڌ ۾ پکين جو شڪار به گھڻو ٿو ٿئي، تنهن ڪري ئي ناياب پکي اسان کان اڻلڀ ٿيندا پيا وڃن، مون هڪ پروفيسر جي ڪالم ۾ پڙهيو هو ته هن ڪنهن ملڪ ۾ اتي جي پکين ۽ ماڻھو جي جوڙ جي باري ۾ لکيو هو، اتي ماڻهو جيڪڏهن هٿ ۾ بسڪيٽ کڻي بيهي تڏهن به اهي پکي بنا ڪنهن ڊپ جي اچي انهن جي هٿ تي ويهي اهو بسڪيٽ کائيندا آهن ۽ اهو ساڳي ئي پروفيسر پاڪستان ۾ پنهنجي گهر ۾ ڪبوترن لاءِ کاڌي پيتي جو انتظام ڪندو هو، داڻو پاڻي ڏيندو هو، ايئن سمجهو اهو پکين جو آستانو ٿي ويو هو. پر هن چيو مون کي اها ڳالھ سمجهه ۾ نه آئي ته جڏهن به آئون انهن ڪبوترن جي ويجهو ويندو هئس ته اهي ٽاھ کائي اڏري ويندا هئا، ان ڳالھ تي مايوس ٿي پيو ته آخر ايڏو پيار ڪرڻ باوجود به اهي پکي مون مان مطمئن ڇو نٿا ٿين، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هڪ فرد جي بدلڻ سان ماحول نه بدلبو آهي، ان لاءِ پوري قوم کي بدلڻو پوندو، جيئن انهن پکين جي دل مان اهو ڊپ نڪري وڃي ته ڪٿي هي انسان مون کي ماري نه وجهي ۽ پويان آکيري ۾ مهنجا ٻچا رلي نه وڃن.

ظھور احمد ملڪاڻي/بدين

پوليس چيف سنڌ پاران ڪچا فورس جي قيام جو اعلان!

ڌاڙيل راڄ ڏوهن ۾ ملوٽ ڏوهارين اسٽريٽ ڪرائم جي خاتمي ۽ مثالي امن جي قيام لاءِ اڄ به سنڌ حڪومت ۽ پوليس چيف پنهنجي پاران سنجيده قدم کڻندي نظر اچي رهيا آهن، جيڪي تسلي بخش ۽ ساراهه جوڳ آهن، سماج دشمن عنصر پنهنجو ڪم تيزيءَ سان ڪندا رهن ٿا، سماج ۾ برائي جو عنصر زور وٺي ٿو ته ان کي هٿي وٺرائڻ وارن ۾ پڻ واڌ ٿيندي رهي ٿي، ڳالهه اها آهي ته آءِ جي سنڌ گذريل مهيني سکر ۽ لاڙڪاڻي رينج جا دورا ڪيا، سنڌ جي انهن ضلعن ڪشمور، شڪارپور، سکر ۽ گهوٽڪي ۾ ڌاڙيلن خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن جو جائزو ورتو ۽ اهو اعلان ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ڪچي جي علائقي لاءِ ڪچا پوليس فورس قائم ڪئي ويندي. آءِ جي سنڌ معاشرتي برائي ۽ ڏوهه ڪندڙن عنصرن جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي ۽ سنڌ کي منشيات جهڙي لعنت کان پاڪ ڪرڻ لاءِ صوبي ۾ اسپيشل ٽاسڪ فورس جوڙيو آهي، جنهن سلسلي ۾ سنڌ ۾ سمورن ايس پيز سان وڊيو لنڪ ذريعي رابطو جاري هوندو آهي، جيڪو نارڪوٽيڪس، گٽڪا، مائو، آئيس، زيڊ اڪيهه جهڙي لعنت جي خاتمي لاءِ پوليس چيف وقت سر پنهنجا حڪم جاري ڪندو رهي ٿو، جنهن اهو چيو ته سنڌ پوليس طرفان منشيات جي وڏن ڊيلرن، هول سيلرن سميت سڀني جو صفايو ڪيو ويندو، جنهن لاءِ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن جي حوصلا افزائي ڪبي، انعام سان گڏ کين سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويندا، ڏوهن ۾ ملوث سهولتڪارن، سرپرستي ڪندڙ ڊي ايس پيز، ايس ايچ اوز، وڏن منشن خلاف پڻ ڊپارٽمينٽل قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ڏوهارين کي ڪنهن به قسم جي رعايت نه ملي سگهندي، بي گناهه ماڻهن سان پوليس پاران ناحق نه ٿيڻ گهرجي، اصل ڏوهارين خلاف ڪارروائي عملي ۾ آندي وڃي. پوليس جي حقيقي جوابدارن تي ڪمزور ڪيس بڻائيندي آهي ته ڪيس ۾ ملوث جوابدار سولائيءَ سان ڇٽي ويندا آهن، جنهن سلسلي ۾ ڪيس جي پڄاڻيءَ تائين پوليس آفيسر عدالت ۾ پيش ٿي پوري تياريءَ سان ڪيس کي انجام تائين پهچائين، جنهن کان پوءِ عدالتن ۾ پوليس هٿان ٿيل ڪم گهڻي قدر اعتماد ۽ ڀروسي جوڳو مڃيو ويندو.

محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل

باقر خان نظاماني جي خوبصورتي!

اڄ پنھنجي پياري ڳوٺ جي باري ۾ لکڻ تي دل چيو ته ڪي سٺيون يادون ڪي سٺا خيال لکان، باقر خان نظاماڻي پاڪستان جي صوبي سنڌ جي دل ۾ واقع هڪ خوبصورت ڳوٺ آهي. هي ڳوٺ پنهنجي شاندار ثقافتي مهمان نوازي ۽ شاندار قدرتي نظارن جي ڪري مشهور آهي. ڳوٺ ماڻهن جي هڪ متحرڪ برادريءَ جو گهر آهي جيڪي پنهنجي روايتن ۽ زندگيءَ جي طور طريقي تي وڏي فخر ڪن ٿا. باقر خان نظاماڻي جي سڀ کان وڌيڪ حيرت انگيز خاصيتن مان هڪ شاندار منظر “روھڙي ڪئنال” آهي جيڪو ان جي چوڌاري آهي. ڳوٺ هڪ سرسبز وادي ۾ واقع آهي، جنهن جي چوڌاري سرسبز ميدانن، ڦرندڙ ٽڪرين ۽ وهندڙ ندين سان ڀريل آهي. قدرتي ماحول جي خوبصورتي واقعي حيرت انگيز هوندي آهي ۽ اهو ڪو به تعجب ناهي ته ڳوٺ ۾ سياحن جي گھمڻ واري جاءِ “ڪاري موري” تي اچي شاندار اندازن تي تبصرو ڪندا آهن ۽ پنهنجي گھروارن سان گڏ لطف اندوز ٿيندا آھن .باقر خان نظاماڻي پنهنجي قدرتي حسن کان سواءِ پنهنجي گرمجوشي ۽ خوش آمديد وارن ماڻهن جي ڪري به مشهور آهي. باقر خان نظاماڻيءِ جا رهواسي سندن مهمان نوازي ۽ سخاوت لاءِ سڃاتا وڃن ٿا ۽ سياحن کي هميشه گهر جو ڀاتي محسوس ڪيو وڃي ٿو. ڇا توهان مقامي آهيو يا گهمڻ وارا! توهان کي کليل هٿن سان ڀليڪار ڪيو ويندو ۽ خاندان جيان ٽريٽ ڪيو ويندو ان کان سواءِ ڳوٺ باقر موري جي چانھ به تمام گھڻي مشھور آھي ۽ ھتي رھندڙ ھر ذات پاڻ ۾ ڀائرن جيان رھندا آھن، مجموعي طور تي باقر خان نظاماڻي واقعي هڪ قابل ذڪر جڳهه آهي، جيڪو سياحن کي هڪ نرالي ۽ ناقابل فراموش تجربو پيش ڪري ٿو. ڇا توهان شاندار قدرتي نظارن، مقامي ماڻهن جي گرم مهمان نوازي يا ڳوٺ جي شاندار ثقافتي ورثي جي طرف متوجه آهيو، توهان کي يقين آهي ته توهان کي يادگيري سان ڇڏي ويندي جيڪا سڄي زندگي گذاري ويندي.

عبدالحفيظ ڪنڀر/ ڳوٺ باقر خان

نظاماڻي، سانگھڙ

ڇا داسو ڊيم سنڌ لاءِ فائيدمند ٿيندو؟

هن وقت پاڪستان ۾ مٿانهين وابڊا طرفان داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ نالي منصوبي تي ڪم هلي رهيو آهي، هي ڊيم خيبر پختون خواه جي ضلعي ڪوهستان ۾ داسو شهر کي ويجهو سنڌو درياهه تي تيار کيو پيو وڃي. هن ڊيم جي رٿا سنڌو درياهه جي قدرتي وهڪري کي موڙي دورڪنهن ايريا ۾ پاڻي ذرخير ڪيو پيو وڃي، هن منصوبي کي سستي بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ پڻ تيار کيو پيو وڃي، داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ مان 4320MG بجلي پيدا ٿيندي. درياهه جو رخ موڙڻ لاءِ 2 سرنگهون کوٽيون ويون آهن، سرنگهه جي ڊيگهه 27 ميٽر ۽ ويڪر 20 ميٽر رکي وئي آهي، هن ڊيم جو ٺيڪو چائينا جي Gezhoubagroup ڪمپني کي ڏنو ويو آهي، هن منصوبي جو ڪم ٻن  مرحلن ۾ ٿيندو، پهرئين مرحلي ۾ 2160MG  ۽ ٻئي مرحلي ۾ به اوتري بجلي پيدا ٿيندي. ڊيم جو 2017ع ۾ ڪم شروع ڪيو ويو پر زميني تڪرار ۽ چائنيز ٺيڪيدارن تي حملي جي ڪري ڪم ڪجهه وقت رڪيل هو ۽ وري ٻيهر 2019ع ۾ شروع ڪيو ويو. هن ڊيم جي تعمير لاءِ ورلڊ بينڪ 700 ملين قرض ڏنو آهي، جنهن مان 115 ارب ڊيم جو ڍانچو ۽ هائيڊرو ليٽڪ اسٽيل جي تياري ۽ 64 ارب پاور ڪمپليڪس ۽ سرنگهن لاءِ استعمال ٿيندا ۽ پهرينون مرحلو 2026ع تائين مڪمل ٿيندو جيڪي بجلي تربيلا پاور پلانٽ کان 7/ 8 هزار ارب يونٽ وڌيڪ پيدا ٿيندي ته پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا هي ڊيم سنڌ لاءِ فائيديمند ثابت ٿيندو؟ پنجاب نه ڪنهن آئيني اداري کي مڃڻ لاءِ تيار آهي، وري واعدن ۽ معاهدن تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار آهي، هڪ پاسي پنجاب ڌونس ۽ داداگيريءَ جو مظاهرو ڪندي 1991ع واري پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ ٻئي پاسي هي وڏا وڏا ڊيم ٺاهي پاڻي ذخيرو ڪندو ته به سنڌ جا ڪافي وڏا شهر (ڪراچي، حيدرآباد، بدين) جيڪي مٺي ۽ صاف پاڻي کان محروم آهن سنڌ جون ذرخيز زمينون جيڪي ڏينهون ڏينهن سمنڊ ڳڙڪائيندو ٿو وڃي اهي بچي پونديون. هن جو پاڻي سنڌ جي وجود ۾ سرايت ڪندو وڃي. ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جي کوٽ جي ڪري سنڌ جي معيشت تباهه ٿيندي ويندي، جر جو پاڻي ڪارو ٿيندو پيو وڃي، سنڌ سان پاڻي جي معاملي ۾ ناانصافي جو تدارڪ نه ارسا جي بي اختيار اختياري ڪري سگهي آهي نه ئي وري گڏيل مفادن جي ڪائونسل. منهنجي خيال ۾ داسو ڊيم جو منصوبو سنڌ جي خوشحاليءَ جو ضامن ٿي سگھي ٿو، پاڻيءَ جي لحاظ کان ۽ بجليءَ جي لحاظ کان به.

محمد اقبال ڏاهري/نوابشاهه