اشو آف دي ڊي سنڌ ۾ رتو ڇاڻ جو سبب بڻجي ويل قبيلائي دهشتگردي آخر ڪڏهن ختم ٿيندي؟ : سوشل ميڊيا تي بحث شروع

0
561

ڪنڌڪوٽ وارو واقعو سوشل ميڊيا تي وائرل. ان واقعي بابت ڄاڻ ملي آهي ته دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ رئيس مينگل چاچڙ ۾ گذريل ڏينهن چاچڙ برادري جي ماڻهن جو چوپايو مال گم ٿي ويو هو، جنهن بابت ڀاڳين کي سڌ پئي ته سندن مال سبزوئي برادري جي ماڻهن وٽ آهي، ان ڏس ۾ چاچڙ برادري جي 10 ماڻهن تي ٻڌل ٽولو مال جو پيرو کڻي وڃي رهيو هو ته ڳوٺ پيراڻو چاچڙ وٽ مورچن ۾ اڳواٽ لڪي ويٺل 25 کان وڌيڪ هٿياربندن مٿن حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا ٿڏي تي قتل ٿي ويا ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. ان حوالي سان پوسٽ شيئر ڪندي دودو چانڊيو لکيو ته هڪڙي سنڌ ھي به آهي جيڪا وحشي درندي قبيلائي، سرداري، وڏيرڪي ڄار ۾ ڦاٿل آهي جيڪا ڪووڊ، امڪاني طوفان ،عيد ،لاڪ ڊائون ،بک، بيروزگاري باوجود ڪوڙي انا جي تسڪين خاطر پنهنجا ويڙها ويران ڪري رهي آهي، سنڌ جو سرداري ڀوتارڪو نظام هن قسم جي خونريزي ۾ ئي پنهنجي بقا سمجهي ٿو، سنڌ جي شعور کي اهڙي بربريت خلاف ڀرپور آواز اٿارڻ گهرجي. ان تي ڪمينٽ ڪندي آمنا بلوچ لکيو ته تعليم ان مسئلي جو حل آهي ۽ وڏيراشاهي ڪڏهن به کين تعليم پرائڻ نه ڏيندي ته جيئن هو تعليم يافتا نه ٿي سگهن. رميش راجا لکيو ته افسوس! اسان ڪٿي ٿا رهون؟ نه قانون آهي نه ڪير ٻڌڻ وارو. سومرو مارئي لکيو ته اها بلڪل جهالت آهي. حسين مسرت لکيو ته سخت افسوس آهي. عاليا بلوچ لکيو ته قبيلائي جهيڙن ۾ ڪڏهن اهو نه ٻڌو ته ڪو سردار به ماريو ويو هجي بس رڳو هارين ۽ غريبن جا ٻار ئي مرندا آھن. رمضان بليدي لکيو ته سنڌي قوم کي ذات پرستيءَ مان نڪري وطن پرستيءَ طرف اچڻ گھرجي. سنڌ جي اڻ پڙهيل وڏيرن، سردارن ۽ جاگيردارن سنڌي قوم کي ذات پرستي ڏانهن ڌڪي سنڌي ماڻھن کي بنيادي سھولتن کان محروم رکيو آهي ۽ ھي واقعو سنڌي ماڻھن لاءِ شرم جوڳو واقعو آهي ، معمولي ڳالهه تان 10 ماڻھو قتل. سيد مڪان شاهه لکيو ته اڻڄاڻائي به عذاب آھي. سنڌ جي اتر واري پاسي لفظ ڀوتار ايئن عام آھي جيئن لاڙ ۽ وچولي ۾ وڏيرو ٻروچن ۾ لقب رئيس اصل ۾ ڀوتار لقب آھي. جنهن جو مطلب آھي ڀئو ٽار (خوف ختم ڪندڙ۔خوف ٽاريندڙ) وڏيرو ان کي چئبو هو جيڪو قول ۽ عمل غريب پروري ۾ عام ماڻھو جي ڀيٽ ۾ وڏو هجي۔ پر گندن ۽ خراب ڪردارن ٻنهي لقبن جو ڪم لاهي ڇڏيو۔ ٻئي لفظ ھاڻي اوپرا ۽ خوفائتا ٿا لڳن۔ ان ۾ ٻولي جو ڪو ڏوھ ڪونهي. فاروق چاچڙ لکيو ته انهن کي قبيلائي جهيڙي قتل ناهي ڪيو پر نظام قتل ڪيو آهي. گلبدن جاويد مرزا لکيو آهي ته سهمت آهيون. همت علي چانڊيو لکيو آهي ته جتي قانون جو نفاذ ادارن وٽ نه پر وڏيرن جي اوطاقن تي باندي بڻيل هجي جتي ڏوهه ته هجي پر سزا نه هجي جتي هر ادارو ورهايل هجي جتي انصاف ماڻهو کي نسلن کان پوءِ ملي اهو معاشرو ڏاڍو سو گابو واري واٽ تي هلي پوي ٿو. نسلن جا نسل تباهه ٿي وڃن ٿا. شوڪت علي پنهور لکيو ته سنڌي ماڻهن کي قومي غيرت خبر ناهي ڪڏهن ايندي. غفار ڀٽو لکيو ته انھيءَ جھالت جو علاج صرف ۽ صرف تعليم ۽ سٺا اسڪول آھن . دراصل ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙھندڙ ٻارڙن جي ڀڻ ڀڻ سردارن پيرن وڏيرن ملن ۽ ميرن جي لاء زوال جو پيغام آھي انھيء ڪري ھو ڳوٺ جي اسڪول جي ڀيٽ ۾ حد جي ٿاڻي تي وڌيڪ توجهه ڏيندا آهن . اھڙي قسم جا جھيڙا ۽ قتل عام ھنن جي زليل لٺ سرداري ۽ وڏيري نظام ۾ نئون ساھ ڦوڪي ڇڏيندو آھي ھاڻي ڏسجو ته ھي منافق ۽ جھيڙا ڪرائيندڙ بشني ڪيئن ٿا معتبر ٿي ميدان ۾ لھن ۽ فيصلا جرڳا ڪري ڪيئن غريبن جا قتل ھڪ ٻئي ۾ برابر ڪري بيگناھن جا خون لئي مٽي ڪن . منير دشتي طنز ۾ لکيو ته سنڌ مرڪي پئي. احسن محمود لکيو ته ظلم جي انتها آهي سنڌ ۾. غلام محمد لکيو ته سڄي سنڌ سور لڳي پئي آهي. سليم جيلاني لکيو ته اسان ته بار بار سنڌ جي سڄاڻ ڌرين کي سوشل ميڊيا زريعي آگاھ ڪندا رھون ٿا ته ڪشمور ضلعي ۾ ٻه اھم اشو جنم وٺن پيا ھڪ ھي برادري تڪرار ٻيو مذهبي انتھاپسندي جڏهن ھي باهه لڳي ته ان کي ڪو به وسائي ڪونه سگھندو سو اڃان به وقت آهي. دوست اڳتي اچو ھنن معاملن کي گھري نظر سان ڏسو. محمد بخش چانڊيو لکيو ته اسان جي قوم کي ڪڏهن عقل ايندو؟ جيسراڻي برما لکيو ته حڪومت کي گهرجي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انهن سردارن ۽ جاگيردارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. محمد علي جوکيو لکيو ته بلڪل ڀوتارڪو ڪلچر ناسور آهي. فائزا سولنگي لکيو ته شرمناڪ. وسيم چاچڙ لکيو ته هي قبيلائي جهيڙو ناهي هي دهشتگردي بربريت آھي هڪ پاسي ڌاڙيل هڪ پاسي هٿين خالي ڳوٺاڻا آهن هن کي قبيلائي جهيڙو چئي رياست کي ذميدارين کان آجو نه ڪريو دهشتگردن جو ڪو به نقصان نه ٿيو آھي. ڪنڌڪوٽ ۾ ٿيل دهشتگردي جو ذميدار ايس ايس پي امجد شيخ آهي جنهن جي ڪنڌڪوٽ ۾ پوسٽنگ ٿيندي ئي انگريزن واري پاليسي ويڙهايو ۽ حڪومت ڪيو رهي آھي. محمد زبير قريشي لکيو ته افسوس اسان جي قوم کي ڪڏھن شعور ايندو؟ پپو هاليپوٽو لکيو ته جيستائين سرداري نظام هوندو تيستائين ائين ٿيندو. نور زمان سومرو لکيو ته سنڌ ۾ ڀوتار چونڊي چونڊي نوجوان پيا مارائين. علي انور لکيو ته پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت عام ماڻھن جي زمينن تي قبضن ڪرائڻ ۾ شامل آھي، نتيجي ۾ عام ماڻھو پنھنجي حق لاءِ وڙھي ٿو ۽ مارجي وڃي ٿو، سنڌ پوليس به ان عمل ۾ سندن ٻانھن ٻيلي آھي. ان حوالي سان فيس بوڪ تي هڪ پوسٽ ۾ زيشان احمد سومرو لکيو ته قبيلائي جهيڙن ۾ ڪڏهن اهو نه ٻڌو ته ڪو سردار ماريو ويو هجي بس رڳو هارين ۽ غريبن جا ٻار مرندا آهن. ان تي ڪيلاش ڪولهي ڪمينٽ ڪندي لکيو ته اجتماعي جنازا پڙهڻ بدران سردارن جا انفرادي جنازا پڙهي سرداري ۽ برادري نظام کي دفنايو وڃي ته سنڌ ۾ امن ٿي ويندو. حسين بخش لکيو ته نام نهاد سردار معطل، اغوا ۽ چوري ڪرائي فيصلا ڪندا آهن پنهنجي عزت وڌائڻ لاءِ افسوس آهي. وحيد مهر لکيو ته سردار اڻ پڙهيل ۽ اقتدار پرست ضرور آهن پر چريا ناهن.اشرف ملاح ليو ته ڪارو ڪاري ۾ به ڪڏهن سردار جو پٽ يا ڌيءُ ملوث نه ڌٺا رڳو غريب ماڻهو ڪارا ۽ ڪاريون. سهتو وحيد لکيو ته بلڪل وڙھندا غريب آھن خون غريبن جو وهندو آھي پو وري مال ڀوتار ۽ سردار کائيندا آھن. امداد پنهور لکيو ته سڀ تعليم جو مسئلو آهي. شيخ اڪبر لکيو ته جي وڏيرا مرن ته جهيڙا ئي نه ٿيندا. عاشق علي سومرو لکيو ته جيئن ئي سنڌي قوم منظم ٿيڻ شروع ٿيندي آھي . تيئن ئي سنڌ اندر اڻ ٿيڻا واقعا ۽ حادثا ڪرايا ويندا آھن ته جيئن سنڌين جا ذھن ورھائي ڇڏجن ۽ انھن کي مختلف مسئلن ۾ منجھائي رکجي. انھي رخ کي به سمجھڻ جي ضرورت آھي. جنيد جتوئي لکيو ته توهان ڪٿي اھيو ٻڌو آھي تہ ڪو قبائلي سردارن جو پاڻ ۾ جھيڙو سائين جھيڙو سردار پاڻ نه ڪندا آهن جھيڙو به قبائلي قومون پاڻ ڪنديون آهن پوءِ مرندا به ته اھي باقي سردار پويان ٽيڪ ضرور ڏيندا آهن.