پنهنجي سائنس اسپيس ۾ سفر ڪرڻ جو تيز ترين طريقو ۽ اڻ ڏٺا خطرا

0
374

انسان جنهن تقريبن ٻه سئو سال اڳ انڊسٽريل انقلاب جو بنياد وڌو ۽ پنجاھ سالن جي اندر ٻاڦ تي هلندڙ ٽرينون ٺاهي پنجاھ ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار جو سفر ممڪن بڻايو. اڳين پنجاھ سالن ۾ جهاز ٺاهي 500 ڪلوميٽر جي رفتار سان اڏامڻ ممڪن ڪري ڏيکاريائين. اڳين پنجاھ سالن ۾ پنجاھ هزار في ڪلوميٽر جي رفتار سان سفر ممڪن بڻائي چنڊ تي به پهچي ويو ۽ ڪيتريون ئي اسپيس پروبس مختلف سيارن ڏانهن موڪلي چڪو آهي جنهن ۾ وائيجر 1 ۽ 2 نمايان آهن ۽ ڪجهه سال اڳ پنج لک ڪلوميٽر کان وڌيڪ جي اسپيڊ ممڪن بڻائي سج طرف پارڪر اسپيس پروب رواني ڪئي اٿائين. ايتري رفتار ڪئين ممڪن بڻي؟ جئين ته ملڪي وي گيليڪسي ۽ ڪائنات ايتري ته وسيع آهي جو پنج ست لک ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان خلائي سفر ڪرڻ بعد به ويجهي ۾ ويجهي تاري تائين پهچڻ ۾ به ڪيترائي هزار سال لڳي ويندا.
انسان جي انٽراسٽيلر ٽريولر interstellar traveler (يعني ستارن جي درميان ائين اچڻ وڃڻ جئين ڪشمور کان ڪراچي اچبو آهي) بڻجڻ چاهي ٿو ته کيس روشني جي رفتار کان به تيز رفتار طريقو ڳولڻو پوندو. روشني جي رفتار سان به جي سفر ڪيون ته پنهنجي ملڪي وي جي ويجهن ستارن تائين به پهچڻ ۾ ڪيئي سال يا صديون لڳي وينديون (ڪجهه ستارا ويجھا به آهن) هاڻي يا ته جنهن ڪائنات خلقي آهي ان ڄاڻي واڻي ايڏا فاصلا رکيا آهن ۽ نه ٿو چاهي ته انسان سولر سسٽم مان ٻاهر نڪري، جي اها ڳالھ صحيح مڃجي ته اهو سوال ٿو اٿي ته پوءِ هيڏي ساري ڪائنات ٺاهڻ جو فائدو؟ جيڪڏھن سائنسدانن مطابق ڪائنات پاڻهي وجود ۾ آئي آهي ته پوءِ انسانن کي دير سوير تيز ترين سفر جو طريقو ڳولڻو پوندو جي گريٽ فلٽر جي ديوار انسان اڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو . هاڻي اچون ٿا ته روشني جي رفتار سان خلائي سفر ڇو ممڪن ناهي؟ هڪ سبب اهو آهي ته آئنسٽائين جي اسپيشل ٿيوري آف رليٽيوٽي مطابق ڪو به آبجيڪٽ(شيءِ) روشني جي رفتار سان سفر نه ٿو ڪري سگهي، فزڪس جا قائدا ۽ قانون اها اجازت نه ٿا ڏين. ٺيڪ آهي روشني جي رفتار سان سفر نه ٿا ڪيون ۽ روشني جي رفتار جي 95% تائين سفر ٿا ڪيون ٿا ته ٿيوريٽيڪلي اهو ممڪن آهي پر هتي وري ٻيا مسئلا آهن، وري ڪهڙا؟ اهو سمجهڻ لاءِ اچو ته سمجهون ته خلا يا interstellar space ڇا آهي؟ ستارن جي حدن کان ٻاهر interstellar Space ۾ ڪجهه به نه هوندو آهي، صرف خالي جاءِ ۽ vacuum هوندو آهي ،پر تازي تحقيق موجب خلا ۾ به هڪ ڪيوبڪ ميٽر (هڪ ميٽر جي ڊيگهه، هڪ ميٽر جي ٿولھ ۽ هڪ ميٽر جي اوچائي واري جاءِ کي هڪ ڪيوبڪ ميٽر چئبو آهي) جي ٽڪڙي ۾ به گهٽ ۾ گهٽ ٽي هائڊروجن ائٽم هوندا آهن، هاڻي جيڪڏهن خلائي جهاز روشني جي رفتار يا ان جي 95% رفتار سان سفر ڪري ٿو ته جهاز انهن ائٽمن سان ايتري اسپيڊ تي ٽڪرائجڻ سان ئي تباھ ٿي ويندو، جئين عام جهاز ڪراچي ايئرپورٽ تان ٽيڪ آف ڪرڻ وقت جئين ڪنهن پکي سان ٽڪرائجڻ تي ڪري سگهي ٿو. روشني جي رفتار سان سفر به ممڪن نه ٿيو، ڪو ته گس هوندو نه. هن جو حل آئنسٽائين سئو سال اڳ پنهنجي جنرل ٿيوري آف رليٽيوٽي ۾ ٻڌائي ويو آهي جنهن کي چئبو آهي وارم هول warm hole، جنهن ذريعي گهٽ ۾ گهٽ ٿيوريٽيڪلي اهو سفر ممڪن آهي. هڪ ٻيو طريقو به ٿيوريٽيڪلي ممڪن آهي جنهن کي چئبو آهي space warp drive. اهي ٻئي ڪهڙيون بلائون آهن، انهن جي باري ۾ مستقبل ۾ لکبو.
(الفت حسين پتافي جي وال تان ورتل)