اشو آف دي ڊي … جيڪب آباد ۾ پڪڙيل هٿيار ڪنهن جا هئا ؟ گاڏي ڪنهن جي هئي؟ ميڊيا جو ڪردار ڇا رهيو؟ سوشل ميڊيا تي بحث

0
19

  جيڪب آباد پوليس بلوچستان کان ايندڙ پوليس موبائل ۽ ويگو گاڏي کي پڪڙيو جنهن مان وڏي مقدار ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا، ان بعد سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته اها گاڏي صوبائي صلاحڪار جي آهي، جڏهن ته صوبائي صلاحڪار بابل ڀيو ان گاڏي کان انڪار ڪري چڪو آهي، سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو ته جيڪب آباد ۾ پڪڙيل هٿيار ڪنهن جا هئا ؟ گاڏي ڪنهن جي هئي؟ ڌاڙيلن کي هٿيار ڪير پهچائي ٿو؟ جڏهن ته ميڊيا جي ڪردار تي به سوال اٿاريو ويو. ان سلسلي ۾ سنديش ڪمار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪچي  ۾ ڌاڙيلن کي اسلحو فراهم ڪندڙ پوليس پڪڙجي پئي، جيڪب آباد پوليس ڪارروائي ڪري سرڪاري ويگو ۽ پوليس موبائل مان هٿيارن ۽ گولين جي وڏي کيپ هٿ ڪري ورتي، وڏا انڪشاف سامھون اچڻ جا لڳا، جيڪب آباد باءِ پاس تي اسپيشل ٽيم انچارج طارق ترين جي اڳواڻي ۾ پوليس ڪاروائي ڪري اسلحه واري پوليس موبائيل پڪڙي ورتي، اصلحو کڻي ايندڙ گاڏي ۾ صوبائي صلاحڪار جو پٽ به موجود هو، ايس ايس پي جيڪب آباد ڪارروئي بعد پريشان ٿي ويو، همايون سنڌي به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي، فقير سليم پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جي ڪچي ۾ ھٿيار ڪيئن ٿا پھچن ؟ سنڌ حڪومت جي صلاحڪار جي پروٽوڪول واري مبنا طور پوليس موبائيل ھٿيارن سان ڀريل پڪڙجي پئي، جنهن تي مهربان ايم صديق بلوچ لکيو ته آخر ٿي ڇا رھيو آھي ملڪ جا حڪمران چاھين ڇا ٿا، شهناز شيخ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪچي  ۾ ڌاڙيلن کي اسلحو فراهم ڪندڙ پوليس پڪڙجي پئي، جيڪب آباد پوليس ڪارروائي ڪري سرڪاري ويگو ۽ پوليس موبائل مان هٿيارن ۽ گولين جي وڏي کيپ هٿ ڪري ورتي، وڏا انڪشاف سامھون اچڻ جا لڳا، سجاد ميمڻ لکيو ته سياسي ساک کي متاثر ڪرڻ لاءِ اھڙا غلط الزام پيا لڳايا وڃن سردارن تي، توهان کي غلط خبر ملي آهي، مجيد چانڊيو لکيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر سياسي ڀوتارن جي مھربانين سان آھي جيستائين سياسي ڌاڙيل اسيمبلي ۾ ويٺل آهن تيستائين سنڌ ۾ امن ناممڪن آھي، اسماعيل بهلڪاڻي، يوسف ابراهيم سومرو، مجيد ڪيريو، وزير سنڌي، اياز شابراڻي، راجيش ڪمار، خان محمد حيدري، اياز چانڊيو ۽ ٻين به ان معاملي تي پوسٽون شيئر ڪيون. انهي سان گڏ ميڊيا جي حوالي سان به سوال اٿاريو ويو، ايم صفر گوپانگ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌي صحافين ۽ سنڌي ميڊيا جو هي حال آهي جيڪب آباد ۾ پوليس پاران سرعام هٿيارن ۽ بارود جي سمگلنگ ڪرڻ جي ڏوھه ۾ ملوث صوبائي صلاحڪار جي پٽ جو نالو لکڻ بدران بااثر لکيو ويو آهي متان نالو لکون ته ڀوتار خرچو پاڻي بند ڪري ۽  ڀوتار جي پٽ ننڍي ڀوتار جي وڏي گاڏي جو فوٽو به نه ٿا ڏيکارين باقي شامت پوليس جي اچي وئي آهي رڳو هڻ هڻان لڳي پئي آهي. جنهن تي فهيم خان لکيو ته هي صحافين جو ڪم آهي، جميل احمد لکيو ته اها حقيقت آهي، آفتاب چانڊيو لکيو ته انڪري ته اسان جي قوم پوئتي پئي وڃي نه، ٻه صوبا آزاديءَ سان فيصلا ڪن پيا ٻه صوبا پنهنجي خوشامد  جي ڪڍ آهن، اسين خود ان سلسلي جي ڪڙي آهيون..ماجد سمون لکيو ته پئسا بند ٿيندن، عبدالقادر اوڍو لکيو ته ڀلوڙ صحافي آهن جلد وڪرو ٿي ويندا آهن، محرم چانڊيو لکيو ته سنڌي ميڊيا جو جنازو پڙهي ڇڏيو ته بهتر آهي، فرحان تنيو لکيو ته صحافت فار سيل لڳي پئي آهي، قاضي آصف پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڳالھه سمجھه ۾ نه آئي. ڪالھه جيڪب آباد پوليس ويگو ۽ پوليس گاڏي تي ڇاپو ھڻي وڏي تعداد ۾ گوليون ۽ خودڪار ھٿيار ھٿ ڪيا. چيو ويو ته ويگو سنڌ حڪومت جي صلاحڪار بابل ڀيو جي مبينا ملڪيت آھي، پر ھو ان وقت پاڻ گاڏي ۾ موجود نه ھو. ايڏي وڏي ڪارروائي جي خبر سنڌ جي وڏي اخبار ۾ سنگل ڪالم به ناھي. خبر نه لڳائڻ جا ڪھڙا سبب ٿي سگھن ٿا؟ پوليس جو پريس رليز به نه لڳايو ويو. حيرت آھي، جنهن تي ملڪ راشد لکيو ته سي ايم پڇندو رھيو ته ايڏا وڏا ھٿيار ڌاڙيلن وٽ ڪيئن ٿا پهچن، جناب توھان کي پڪ ٿي آھي يا نه پر ھي سڄي دنيا سوشل ميڊيا تي ڏسي رھي آھي ھاڻي ڏسنداسين ڪھڙا عمل ٿا ٿين.