اشارن تي هلندڙ حڪمران عوام جا مسئلا حل نٿا ڪري سگهن: شاهد خاقان عباسي

0
241
اشارن تي هلندڙ حڪمران عوام جا مسئلا حل نٿا ڪري سگهن: شاهد خاقان عباسي
اشارن تي هلندڙ حڪمران عوام جا مسئلا حل نٿا ڪري سگهن: شاهد خاقان عباسي

حيدرآباد (بيورو) نواز ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اشارن تي هلندڙ حڪمران عوام جا مسئلا حل نٿا ڪري سگهن، بيساکيون هٽيون ته اُن ئي ڏينهن بي اعتمادي ايندي ۽ حڪمرانن جي وڃڻ ۾ 24 ڪلاڪ به نه لڳندا

حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته ملڪ کي آئين تحت نٿو هلايو وڃي، ملڪ کي ڏڦيڙ ۽ افراتفري مان ڪڍڻ لاءِ شفاف چونڊن جي ضرورت آهي

هن چيو آهي ته اڪثر سوال ٿيندو آهي ته نواز ليگ سنڌ لاءِ ڇا ڪيو؟ نواز ليگ جي حڪومتي دور ۾ سنڌ کي تاريخي رقم ڏني وئي، افسوس جو ٽينڊر باوجود حيدرآباد- سکر موٽروي تي نه ٺهي سگهيو، حيدرآباد ۾ به ماس ٽرانزٽ منصوبي جي ضرورت آهي، لڳي ٿو اهو ڪم به نواز ليگ ئي ڪندي

هن چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ صوبن کي ٻيڻو حصو مليو،  هن کان اڳ صوبن کي ڪڏهن به ايترو حصو ناهي مليو، موجوده وزيراعظم کان پڇيو ته ڇا سبب آهن جو ترقياتي ڪم نه ٿي سگهيا

ھي به پڙھندا

راڳ جي راڻيءَ جو وڇوڙو: شوبز ۽ ٻين شخصيتن پاران خراج عقيدت